وزيراعظم آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد روانو

وزيراعظم آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد روانو

باڪو (پاکستان نیوز پوائنٹ 15اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف آذربائيجان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ڪالهه ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد روانو ٿي ويو. ايئرپورٽ تي آذربائيجان جي ڊپٽي وزيراعظم علي احمدوف وزيراعظم ۽ اعليٰ سطحي وفد کي الوداع ڪيو. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد نواز شريف جو اهو آذربائيجان جو پهريون دورو هو. دوري دوران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجي تصور بابت گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي، ان کانسواءِ دفاعي ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي آذري هم منصب سان ملاقات دوران توانائي، دفاع ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم نواز شريف کي عالمي امن، ترقي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري پڻ ڏني وئي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آذربائيجان جي پارليامينٽ ملي مجلس جو دورو ڪيو جتي اسپيڪر اوگتي اسدوف کيس پارليامينٽ جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم وفد سان گڏ اسپيڪر ملي مجلس سان ملاقات پڻ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي اڳوڻي صدر حيدر عليوف جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. هن آذربائيجان جي آزادي جي تحريڪ ۾ جدوجهد ۾ شهيد ٿيندڙن جي قبرن تي پڻ حاضري ڀري ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.