وزيراعظم باڪو ۾ فخر خيابان جو دورو ڪيو

وزيراعظم باڪو ۾ فخر خيابان جو دورو ڪيو

باڪو (پاکستان نیوز پوائنٹ 15اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه ڇنڇر ڏينهن باڪو ۾ فخر خيابان جو دورو ڪيو ۽ آذربائيجان جي اڳوڻي صدر حيدر عليوف جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي آذربائيجان جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراعظم باڪو ۾ پنهنجي قيام دوران شهيد لارخياباني جو پڻ دورو ڪيو ۽ آذربائيجان جي آزادي جي تحريڪ جي جدوجهد ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.