وزيراعظم کي باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا

وزيراعظم کي باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا

باڪو (پاکستان نیوز پوائنٹ 14اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف کي باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي وئي آهي. يونيورسٽي جي ريڪٽر اڪيڊمڪ ابيل محرمدوف جمعي ڏينهن هتي منعقد هڪ پروقار تقريب ۾ کيس اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪرڻ تي باڪو يونيورسٽي انتظاميه جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي رشتن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جو طرز زندگي هڪجهڙو آهي، سندن قسمت به گڏيل هدف ۽ مقصدن جي ذريعي جڙندي آهي، وزيراعظم چيو ته امن جي ذريعي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪئي ويندي. هن صدر الهام عليوف جي فعال قيادت ۾ آذربائيجان جي ڪاميابين کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ گهرو ، ان کان اڳ وزيراعظم کي يونيورسٽي جي معاملن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. پاڪستاني قومي لباس پاتل شاگردن ان موقعي تي قومي ترانو به پيش ڪيو.