ترڪي ڪشمير مسئلي تي کلي حمايت ڪئي آهي : محسن شاهنواز رانجها

ترڪي ڪشمير مسئلي تي کلي حمايت ڪئي آهي : محسن شاهنواز رانجها

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 13اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪشمير بابت خصوصي نمائندي محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته ترڪي ڪشمير مسئلي جي باري ۾ جهڙي طريقي سان پاڪستان جي کلي حمايت ڪئي آهي اسان ڪڏهن به ان کي وساري نٿا سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ ريڊيو اينڊ ٽيليويزن جي اردو سروس کي انٽرويو ۾ ڪيو. هن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نوجوان ڪشميري اڳواڻ برهان واني جي شهادت کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ نئين سري سان آزادي جي تحريڪ زور وٺڻ شروع ڪيو آهي، هن ڪشمير ۾ شروع ٿيندڙ آزادي واري تحريڪ جي باري ۾ به معلومات فراهم ڪئي، هن ترڪي ۾ پنهنجي قيام دوران ترڪ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسماعيل قهرامان ۽ وزيراعظم بن علي يلدرم سان ڌار ڌار ملاقاتون به ڪيون.