پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي فروغ لاءِ آمريڪي منڊين تائين ترجيحي واپاري پهچ ڏني وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي فروغ لاءِ آمريڪي منڊين تائين ترجيحي واپاري پهچ ڏني وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

نيويارڪ (پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 20 ڪروڙ جي نوجوان ۽ فعال آبادي، صارفين جي وڌندڙ طلب ۽ ان سان گڏوگڏ مستحڪم معيشت ۽ سلامتي جي بهتر صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان منافع بخش سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ شاندار موقعن جي آڇ ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي فروغ لاءِ آمريڪي منڊين تائين ترجيحي واپاري پهچ ڏني وڃي ته جئين پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڪاروباري ماڻهن کي هڪٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ جا شفاف موقعا حاصل ٿي سگهن. ٻه طرفي واپار جي فروغ لاءِ اهڙي طرح جو انتظام ضروري آهي. وزيراعظم نواز شريف اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ آمريڪي ايوان صنعت ۽ واپار طرفان گڏيل طور تي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جون معاشي ڪاميابيون خاص طور تي واکاڻ جوڳيون آهن ڇو ته اهي ڪاميابيون اسان اهڙي وقت ۾ حاصل ڪيون آهن جڏهن اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم آپريشنز ۾ مصروف آهيون، هي آپريشنز سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ شروع ڪيا ويا آهن، هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان رياست جي رٽ بحال ڪرڻ جي قابل ٿيا آهيون ۽ پنهنجي جاگرافيائي حدن جي هر انچ تي اسان جي عملداري آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سلامتي جي بهتر صورتحال سان پهرين ئي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ دلچسپي ۾ اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ نجي شعبي تي پختو يقين رکندي سندس حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙيون آهن جنهن سان نجي، مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ميسر آيو آهي ۽ کين بهترين ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سيڙپڪاري پاليسي 2013ع خطي ۾ آزاداڻي سيڙپڪاري جي موقعا فراهم ڪري ٿي جنهن ۾ سئو سيڪڙو غير ملڪي ملڪيت جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ طريقيڪار کي آسان ۽ ان تي ٿيندڙ خرچن کي گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ صنعت ۽ واپار لاءِ رابطا پيدا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، تيل، گئس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي، ڪنزيومر گڊز، مالياتي خدمتن ۽ سرمائي جي منڊين جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته آمريڪي ايوان واپار ۽ آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل ٻنهي ملڪن کي ان سلسلي ۾ ويجهو آڻڻ ۽ آمريڪي انتظاميه ۽ ڪانگريس کي ان جي اهميت تي قائل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ هي مددگار ثابتر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هو پختو يقين رکي ٿو ته مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا عوام جي سطح تي مستحڪم ۽ ڊگهي مدي واري رابطن لاءِ انتهائي ضروري آهي، هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو اهم اقتصادي ۽ واپاري حصيدار رهيو آهي، هي حصيداري ٻنهي ملڪن جي نجي ڪاروباري ماڻهن لاءِ فائديمند آهي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ به اڻٽر آهي تنهن هوندي به هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جو ماپو عالمي رجحانن موجب نه آهي، هن چيو ته ان ڳالهه جو ادراڪ ڪندي آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ مون آڪٽوبر 2013ع ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ايندڙ پنجن سالن جي دوران ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل جوڙڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. هن شرڪت ڪندرن کي چيو ته ڪاروباري اڳواڻ، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار جي حيثيت سان توهان جو ڪردار ٻنهي حڪومتن کي انهن موقعن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته جون 2013ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ، توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۽ تعليم ۾ سيڙپڪاري منهنجي حڪومت جي اهم ترجيحون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ترقي جي تفصيلن کان توهان کي آگاهه ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته دليراڻي اقتصادي سڌارن جي نتيجي ۾ سندس حڪومت سمورن اهم اقتصادي انگن اکرن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان جي واڌ ويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي. پاڪستان ڪجهه اقتصادي انگن اکرن جو جائزو پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ ناڻي واڌ 3 سيڪڙو کان هيٺ اچي چڪي آهي جيڪا گذريل 47 سالن ۾ سڀ کان گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مئي 2016ع ۾ پنهنجي مالياتي پاليسي ۾ وياج جي شرح 5.75 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هي به گذريل چئن ڏهاڪن ۾ سڀ کان گهٽ آهن، وزيراعظم چيو ته مورگن سٽنلي ڪيپيٽل انٽرنيشنل طرفان ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج کي اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏيڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت مثبت طرف ۾ گامزن ٿي چڪي آهي ۽ سال 16 -2015ع ۾ 4.71 سيڪڙو گروٿ ڏٺي وئي آهي جيڪا گذريل ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت ٿري جي ۽ فور جي اسپيڪٽرم لائسنسن جي ڪامياب نيلامي ڪئي جنهن سان ملڪ ۾ مواصلات ۽ ڊيٽا ٽرانسفر جي وسيع تر موقعا ميسر آيا آهن. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جلد مڪمل ڪري وٺندو. پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪامياب تڪميل پاڪستان جي بهتر معيشت ۽ حڪومت طرفان معاشي شعبن ۾ ڪيل سڌارن جي مضبوط عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 12.5 سيڪڙو پهچي وئي آهي جڏهن ته موجوده حڪومت کي جڏهن ورثي ۾ تباهه ٿيل معيشت ملي ته هي شرح 9 سيڪڙو هئي. هن چيو ته ان شرح ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، هن چيو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽس جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ گذريل مالي سال جي پڄاڻي تي هي 37783 پوائنٽس تي بند ٿي. هن چيو ته هاڻي هي 40500 پوائنٽس تي ڪاروبار ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته فوربز اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ عالمي سطح تي اقتصادي لحاظ سان هڪ ڪامياب مقام حاصل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته جم اونل آف گولڊن مين ساڪس پاڪستان کي 11 معيشتن جي گروپ اين اليون ۾ شامل ڪيو آهي جنهن جي باري ۾ ايندڙ ڏهاڪي ۾ تيزي سان اقتصادي ترقي ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته بلوم برگ پاڪستان کي 2014ع ۾ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ 10 منڊين مان ٽئين نمبر تي ۽ 2016ع ۾ ممڪن سيڙپڪاري جي بهترين ملڪن ۾ 14 هين نمبر تي شمار ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته دنيا جي بهترين بين الاقوامي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين، بين الاقوامي مالياتي ادارن ۽ بين الاقوامي اقتصادي ماهرن سميت سمورن پاڪستان جي گذريل ساڍا ٽن سالن جي دوران معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ حاصل ڪيل ڪاميابين کي ساراهيو. هن چيو ته اسٽينڊرڊ اينڊ پورر ۽ موڊيز ٻنهي پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي مستحڪم کان مثبت ڪري ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ فچ به پاڪستان جي ريٽنگ کي مستحڪم شمار ڪيو آهي، هن چيو ته هڪ ٻيو وڏو چئلينج جيڪو پاڪستان کي درپيش آهي اهو توانائي جي کوٽ آهي ۽ مون کي خوشي آهي ته حڪومت طرفان اختيار ڪيل جامع حڪمت عملي جي ڪري توانائي جي رسائي، گهٽ ۾ گهٽ صنعتي شعبي لاءِ پهرين جي مقابلي ۾ گهڻي بهتر آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي اهم منصوبن تي ڪم جاري آهي، وزيراعظم چيو ته گذريل سال کان صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ 2017ع جي آخر تائين بجلي بحران جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته گلوبل بانڊ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي شموليت ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي نمايان ڪارڪردگي سان حڪومت کي سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ پاڪستان تي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي ٿئي. وزيراعظم چيو ته اڄ کيس هتي آمريڪي واپارين ۽ صنعتڪارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هن چيو ته آمريڪا ايوان واپار دنيا جي سڀ کان پراڻي ايوانن مان آهي ۽ آمريڪا بزنس ڪائونسل ۽ آمريڪي ايوان واپار پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هي ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سربراهي ۾ آمريڪي واپارين سان سندس ملاقات منهنجي آمريڪا جي سمورن دورن جو هڪ مستقل حصو رهي آهي ۽ مون سدائين ملاقاتن کي گهڻو مفيد ڏٺو آهي، ان موقعي تي جهاز ساز ڪمپني بوئنگ جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل آپريشنز اينڊ پاليسي ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سندس ڪمپني پي آءِ اي سان حصيداري جي خواهشمند آهي ۽ شفاف ۽ چٽاڀيٽي جي عمل جي ذريعي پي آءِ اي جي پريميئر لاءِ بوئنگ 777 ۽ 787 جهاز فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پراڪٽر اينڊ گيمبل جي صدر سيلنگ اينڊ مارڪيٽنگ آپريشنز چيو ته سندس ڪمپني پهرين ئي پاڪستان ۾ پنهنجي گروٿ ۾ 20 سيڪڙو اضافو حاصل ڪيو آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ سئو ملين آمريڪي ڊالر جي وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهيون. فلپ مورس جي نائب صدر تازي بجيٽ کي واپاري ۽ سيڙپڪار دوست قرار ڏيندي چيو ته سندس ڪمپني پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ چاهي ٿي، اي پي آر انرجي جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن سندس جي ڪمپني کي پرڪشش ٽيرف جي آڇ ڪئي وڃي ته هو پاڪستان ۾ 350 ميگاواٽ جا گيس پاور پلانٽ لڳائڻ لاءِ تيار آهي، آجياڻي ۾ شريڪ مشهور آمريڪي واپارين، صنعتڪارن ۽ آمريڪي چيمبر آف ڪامرس جي ايگزيڪيٽو نائب صدر کانسواءِ سينئر نائب صدر ۽ آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر، پيپسي جي نائب چيئرمين، موٽرولا سلوشنز جي نائب صدر، اي پي آر انرجي جي چيئرمين، ڪارپوريٽ ۽ انويسٽمينٽ بينڪنگ جي وائيس چيئرمين، موٽرو لا سلوشنز جي ڊائريڪٽر، فلپ مورس جي نائب صدر، بوئنگ ڪمپني جي انٽرنيشنل آپريشنز ۽ پاليسي جي ڊائريڪٽر، ويزن نيٽ سسٽمز جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر، آفريقه وچ اوڀر خطي جي مينيجر، ڪيٽي پلر انشورنس اي پي سي جي ايگزيڪيٽو نائب صدر، مرجر اينڊ ايڪوزيشن ميٽلائيف جي ايسوسيئيٽ جنرل قونصل، پراڪٽر اينڊ گيمبل جي صدر سيلنگ اينڊ مارڪيٽنگ آپريشنز، پاڪستان پراجيڪٽ ليڊر ايڪسن موبل، ايم سي لارٽي ايسوسيئيٽس جي سينئر ايڊوائيزر، يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا لاڪ هينڊ ڪمپني جي نائب صدر، ترڪي، آفريقا الينڪو انيمل هيلٿ جي علائقائي اڳواڻ، ايگلوي پبلڪ نارٿ روپ گرومن جي سي اي او، پيگا سس اينڊ ڪين گمپ شامل هئا.