پاڪستان پاران فلسطيني عوام جي خراب حالت تي گهري ڳڻتي جو اظهار

پاڪستان پاران فلسطيني عوام جي خراب حالت تي گهري ڳڻتي جو اظهار

گڏيل قومون (پاکستان نیوز پوائنٹ 21ستمبر 2016ء) پاڪستان فلسطيني عوام جي خراب حالت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عرب امن انيشيٽو موجب انهن جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز فلسطين جي حوالي سان او آءِ سي جي ڪميٽي جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل جي قبصي، غيرقانوني اسرائيلي بستين جي پکيڙ، سائنسي انداز ۾ معصوم فلسطينين جي قتل، غزه جي لاڳيتي گهيري ۽ انتظامي حراست جي پاليسي سان فلسطينين جي بنيادي حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. سرتاج عزيز او آءِ سي جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. اجلاس جي صدارت سيڪريٽري جنرل اياد امين مدني ڪئي. اجلاس ۾ فلسطين، ملائيشيا ۽ سينيگال جي پرڏيهي وزيرن ۽ ترڪي، اردن ۽ مصر جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. سرتاج عزيز ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري پاران هڪ اهڙي پائيدار ۽ بامعنيٰ ڳالهين جي ضرورت آهي جنهن جو مرڪزي نقطو هڪ آزاد، قابل عمل ۽ جاگرافيائي لحاظ کان فسلطيني رياست هجي جيڪو 1967ع کان اڳ جي سرحد رکندڙ القدس الشريف جنهن جو گادي وارو شهر هجي، اجلاس دوران عالمي برادري تي زور ڏنو ويو ته هو اسرائيل کي عالمي قانونن موجب ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جو پابند بڻائڻ جا هر ممڪن قدم کڻي ۽ اهو اوڀر ۽ وچ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻن رياستن جي قيام جي پنهنجي ذميواري پوري ڪري.