وزيراعظم محمد نواز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات

وزيراعظم محمد نواز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات

گڏيل قومون (پاکستان نیوز پوائنٹ 21ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي 71 هين سيشن جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران هن ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال، والاريل ڪشمير، اوڀر ۽ وچ، شام ۽ عراق جي صورتحال جو جائزو ورتو، 15 جولاءِ 2016ع تي ترڪيءَ ۾ ناڪام بغاوت کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. وزيراعظم جي مدد پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز، خصوصي معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ۽ ٻين عملدارن ڪئي. وزيراعظم ترڪ صدر کي بغاوت کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان جي عوام پاران ٺوس حمايت جو اظهار ڪيو. نواز شريف دنيا جي ان پهرين اڳواڻن ۾ شامل هو جن بغاوت کي ناڪام بڻائڻ تي ترڪ صدر کي ٽيليفون ڪئي ۽ جمهوري چونڊيل حڪومت ۽ ترڪيءَ جي عوام سان حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي ٺوس حمايت کي ورجايو جن کي قابض ڀارتي فوج ڏهاڪن کان ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻائي رهي آهي. وزيراعظم ترڪ صدر کي والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال خاص طور تي بيگناهه ڪشميرين جي خلاف ڀارتي فوج جي تشدد جي نتيجي ۾ تازن مهينن ۾ زور وٺندڙ تحريڪ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. صدر چيو ته ترڪيءَ والاريل ڪشمير ۾ حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ مشن موڪليندو. وزيراعظم ترڪ صدر جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ترڪيءَ جي صدر چيو ته اسان سدائين لاءِ دوست آهيون. ترڪيءَ ۽ پاڪستان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم ترڪيءَ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن تي ترڪ صدر سان تعزيت جو اظهار ڪيو. انهن واقعن ۾ قيمتي جانين جو نقصان ٿيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ترڪيءَ جي بهادر عوام جلد انهن چئيلنجن تي ضابطو آڻي وٺندي. ترڪ صدر چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۽ اسلامي دنيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ثابت قدم حصيدار رهندا. وزيراعظم ترڪ ڪمپنين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو جن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سروسز سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي دعوت ڏني. پاڪ ترڪ آزاداڻي واپاري معاهدي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن ٻئي ملڪ واپاري صلاحيت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن. هن نيوڪليئر سپلائر گروپ ۾ تعميري ڪردار تي ترڪيءَ جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ائٽمي عدم پکيڙي، ائٽمي تحفظ ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي ٺوس موقف کان آگاهه ڪيو جنهن سبب پاڪستان نيوڪليئر سپلائر گروپ جي ميمبرشپ جو هڪ مثالي اميدوار بڻيو.