زويراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهتو

زويراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهتو

ڪابل (پاکستان نیوزپوائنٹ 06اپریل 2018ء) زويراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي جمعي ڏينهن هتي پهچي ويو. گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه وزيراعظم سان گڏ آهن، افغان صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ افغان صدر اشرف غني وزيراعظم جي آجيان ڪئي، وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، آجياڻي واري تقريب کانپوءِ وزيراعظم جو تعارف افغان ڪابينا سان ڪرايو ويو. وزيراعظم جي افغانستان جي دوري جو مقصد ٻه طرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي جستجو ۾ گڏيل ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم جو افغانستان جو دورو ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ طالبان سان صدر اشرف غني جي آڇ جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت ۽ ٻه طرفي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ جي ڏس ۾ آهي. وزيراعظم افغان قيادت سان ٻه طرفي سياسي، اقتصادي، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون، افغان پناهگيرن جي واپسي، منشيات جي پيداور ۽ چرپر جي روڪٿام، افغان امن عمل ۽ علائقائي سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪندو، پاڪستان افغانستان ۾ بنيادي ڍانچي، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ صلاحيت ۾ اضافي جي ذريعي افغانستان جي ترقياتي ڪوششن ۾ مدد جاري رکندو، ان ڏس ۾ وزيراعظم افغان قيادت سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفري سهولتن جي طريقن، تعليمي مدد ۽ پاڪستان ۾ افغان شهرين جي طبي سهولتن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ راهداري سهولت کي سگهه ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪندا.