وزيراعظم ايشيا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جو دورو ڪندو

وزيراعظم ايشيا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جو دورو ڪندو

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 03اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايشيا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جو دورو ڪندو، هي اجلاس 8 کان 11 اپريل تائين ڏکڻ چين جي صوبي هينان ۾ ”وسيع تر عالمي خوشحالي لاءِ هڪ ڪشادو ۽ جدت رکندڙ ايشيا“ جي موضوع تي منقعد ٿيندو، چيني پرڏيهي وزير وانگ زي اڱاري ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ بريفنگ جي دوران ٻڌايو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ان اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، ان کانسواءِ آسٽريا جو صدر، فلپائن جو صدر، منگوليا جو وزيراعظم، هالينڊ جو وزيراعظم، سنگاپور جو وزيراعظم، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جو مينيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪندا، چيني پرڏيهي وزير ٻڌايو ته صدر شي جن پنگ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ۽ مشهور اڳواڻ به ان سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا، هو ٻه طرفي گهڻ رخي تعان، عالمي اسلوب حڪمراني، معيشت ۽ واپار تي ڳالهيون ڪندا، هن چيو ته چيني صدر فورم ۾ اهم خطاب ڪندو.