وزيراعظم نيپال جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس روانو

وزيراعظم نيپال جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس روانو

کٽمنڊو (پاکستان نیوزپوائنٹ 06مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيپال جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري ڏينهن وطن واپس روانو ٿي ويو. نيپال جي ناڻي واري وزير يوباراج کاتي وادا ترائي ڀون انٽرنيشنل ايئرپورٽ کٽمنڊو تان وزيراعظم کي والهاڻي انداز ۾ الوداع ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيپال ۾ جمهوري عمل جي ڪامياب تڪميل تي نيپالي قيادت کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جو مقصد رکندڙ دوري دوران نيپال جي صدر بڌيا ديوي، وزيراعظم کدگا پرساد شرما اولي، اڳوڻي وزيراعظم پشپا ڪمل داهال سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، هن سارڪ سيڪريٽريٽ جو به دورو ڪيو.