پاڪستان سارڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان سارڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

کٽمنڊو (پاکستان نیوزپوائنٹ 06مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن هتي سارڪ سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين سارڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي تعاون لاءِ هڪ فعال ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تنظيم کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوشحال خطي لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سارڪ جي سمورن اجلاسن ۾ پاڪستان پنهنجي ان يقين ۾ اضافو ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ محفوظ ۽ پرامن ماحول خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، هن چيو ته آئنده سارڪ سربراهه اجلاس جي ميزبان جي حيثيت سان پاڪستان ڪنهن فوري تاريخ تي سربراهه اجلاس گهرائڻ جو خواهشمند آهي، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان علائقائي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو، سيڪريٽري جنرل سارڪ امجد حسين بي سيال چيو ته پاڪستان سارڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت کان اڳ ٻن سربراهه اجلاسن جي ميزباني به ڪئي، هن چيو ته سارڪ سربراهه اجلاسن جي انعقاد سان ميمبر ملڪن کي نئين تحريڪ ملندي آهي جيتوڻيڪ هي تمام گهڻو اهم هوندو آهي، ان کانپوءِ وزيراعظم سارڪ سيڪريٽريٽ ۾ چيڙ جو ٻوٽو به لڳايو، هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا ۽ سارڪ سيڪريٽريٽ ۾ ڊائريڪٽرز سان گروپ فوٽو ڪڍرايو.