وزيراعظم سان نيپال جي اڳوڻي وزيراعظم پشپا ڪمل داهال جي ملاقات

وزيراعظم سان نيپال جي اڳوڻي وزيراعظم پشپا ڪمل داهال جي ملاقات

کٽمنڊو (پاکستان نیوزپوائنٹ 06مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان نيپال جي اڳوڻي وزيراعظم پشپا ڪمل داهال پراچندا اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم کي نيپال ۾ جمهوريت جي تسلسل تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي اقتصادي ترقي لاءِ تمام اهم آهي، پشپا ڪمال دهال ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو دورو ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ نپيال لاڳاپا گڏيل احترام، دوستي ۽ هم آهنگ مفادن ۾ جڙيل آهن، ٻنهي طرفن کان پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تي اڳڀرائي ۽ ”هڪ شاهراهه هڪ پٽي منصوبي“ ۾ نيپال جي شرڪت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سي پيڪ ان شاندار منصوبي جو حصو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ شاهراهون، گوادر ايئرپورٽ، آزاد اقتصادي زونز ۽ توانائي جي پيداور سميت ڪيترائي ترقياتي منصوبا قائم ٿيا آهن، ملاقات ۾ ڪشمير مسئلي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.