پاڪستان نيپال سان رابطن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان نيپال سان رابطن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

کٽمنڊو (پاکستان نیوزپوائنٹ 06مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي اسرندڙ شعبن ۾ فعال حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت موجود آهي، پاڪستان نيپال کي تمام گهڻي اهميت ڏيندي ٻنهي حڪومتن ۽ عوام جي سطحن تي رابطن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه نيپال جي صدر بڌيا ديوي ڀنڊاري سان اڱاري ڏينهن ڳالهائيندي چئي، هي ملاقات مهاراج گنج ۾ واقع نيپال جي سرڪاري صدارتي محل”شيتل نواس“ ۾ ٿي جنهن ۾ معيشت، سياحت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم صدر بڌيا ديوي کي ملڪ ۾ جمهوري عمل کي ڪامياب تڪميل تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اقتدار جي خوش اسلوبي سان منتقلي سياسي استحڪام ۽ ترقي طرف هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندي. هن ان اڳڀرائي کي جمهوريت، سياسي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي جي طرف نيپال جي پيش قدمي ۾ هڪ وڏو سنگ ميل قرار ڏنو. وزيراعظم اقتصادي لاڳاپن ۽ ٻه طرفي واپار ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو 17 -2016ع ۾ 5.78 ملين ڊالر هو، هن چيو ته پاڪستان نيپال جي عوام جي حوصلي جو مداح آهي جنهن خطرناڪ زلزلي ۽ ٻوڏ جو حوصلي سان مقابلو ڪيو، هن چيو ته پاڪستان سدائين پنهنجي نيپالي دوستن سان گڏ بيـٺل آهي ۽ هو نيپال لاءِ تعليمي ۽ انساني همدردي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم رهيو آهي، وزيراعظم صدر بڌيا کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، ٻنهي اڳواڻن عالمي فورمن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو، علائقائي خوشحالي لاءِ سارڪ کي هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي سگهه ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، هن ڪشمير مسئلي تي به ڳالهه ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، صدر بڌيا ديوي تازن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ مثالي ترقي قابل تحسين آهي، ملاقات ۾ نيپال جي سينئر عهديدارن ۽ نيپال ۾ پاڪستان جي سفير مظهر جاويد به موجود هو.