وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڊيووس ۾ پاڪستان جي تاريخي نمائندگي ڪئي آهي: مريم اورنگزيب

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڊيووس ۾ پاڪستان جي تاريخي نمائندگي ڪئي آهي: مريم اورنگزيب

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ25جنوری2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڊيووس ۾ پاڪستان جي تاريخي نمائندگي ڪئي آهي، ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم ڊيووس ۾ اهم عالمي واپاري ادارن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مريم اورنگزيب چيو ته سي پيڪ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، خطي جا ملڪ سي پيڪ مان فائدو کڻڻ چاهين ٿا، معاشي طور تي اڀرندڙ پاڪستان دنيا لاءِ هڪ مثال آهي، هن چيو ته ڊيووس ۾ پاڪستاني عورتن ڀرپور نمائندگي ڪئي آهي جنهن کي مثبت انداز ۾ ساراهيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ پاڪستان جي تاريخي نمائندگي آهي. دنيا پاڪستان کي هڪ اڀرندڙ مارڪيٽ طور تسليم ڪري رهي آهي، مملڪتي وزير چيو ته سي پيڪ پوري خطي لاءِ گڏيل خوشحالي جو منصوبو آهي، هن چيو ته ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل گيٽس، ايشيائي انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ، اوبر، سيمنز، مٽسوبشي ڪارپوريشن سميت مختلف عالمي ادارن جي سربراهن ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فروغ آهي، مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، معاشي طور تي پاڪستان هڪ اڀرندڙ ملڪ آهي، سي پيڪ جي ذريعي غير ملڪي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ اچي رهي آهي، ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر جي مضبوطي ۽ ترقي جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي ان حوالي سان پاڪستان دنيا لاءِ هڪ مثال آهي، مملڪتي وزير چيو ته ون بيلٽ ون روڊ امپيڪٽ سيشن ۾ ملڪن گهري دلچسپي ورتي، هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ واپاري سرگرمين جي بحالي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن جو ثمر آهي، مملڪتي وزير چيو ته بل گيٽس جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان مختلف رخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ وزيراعظم هيلٿ پروگرام، يونيورسل هيلٿ ڪوريج ۽ پوليو جي خاتمي سميت مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بل گيٽس صحت جي شعبي ۾ بهتري جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو، مملڪتي وزير چيو ته سڄي دنيا کان آيل مختلف ملڪن جي وفدن جي مقابلي ۾ پاڪستان جي وفد ۾ عورتن جي نمائندگي سڀ کان وڌيڪ هئي.