وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل گيٽس جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل گيٽس جي ملاقات

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ24جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين بل گيٽس عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات ڪئي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ خاص طور تي پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ مدد کي ساراهيندي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ حصيداري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دوران مالياتي ۽ ڊجيٽل شموليت ذريعي ننڍن ۽ وچين درجي جي ڪاروبارن ۽ آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان سماجي شعبي جي سڌارن تي ڌيان ڏنو آهي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ اسان جي حڪومت پاران کنيل تازن قدمن سان عام ماڻهن خاص طور تي غريب ۽ پٺتي پيل طبقن کي يقيني فائدو ٿيندو. گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي وزيراعظم 70 لک کان وڌيڪ اڪائونٽس ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊرز جن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون شامل آهن، انهن جي کاتن کي ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز ۽ ڪارانداز پاڪستان جي حصيداري سان ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳڀرائي کي ساراهيو. ڪارانداز پاڪستان ننڍن ڪاروبارن ۽ ماڻهن جي لاءِ مالياتي شموليت کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي بل گيٽس گذريل چئن سان دوران پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ ڪيل شاندار اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورن حصيدار ملڪن جي باقي حصن مان به پوليو جي مڪمل خاتمي جي منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين. هن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ حڪومت جي مسلسل عزم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان حوالي سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ذاتي عزم کي ساراهيو.