گڏيل خوشحالي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خطو هڪ رستو“ منصوبو ڪيترن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

گڏيل خوشحالي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خطو هڪ رستو“ منصوبو ڪيترن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ24جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گڏيل خوشحالي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خطو هڪ رستو“ منصوبو ڪيترن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ مواصلات، بنيادي ڍانچي، توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، منصوبي سان علائقائي واپار کي هٿي ملندي ۽ خطي جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه اربع ڏينهن هتي 48 هين عالمي اقتصادي فورم ۾ ”هڪ خطو، هڪ رستو جي اثرن“ جي موضوع تي پينل مباحثي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پينل ۾ ٻين مقررين ۾ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جو صدر جن لي چن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سائي چن گلوبل لي چن، رشين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيرل دمتري آف، چائنا نيشنل مشينري انڊسٽريل ڪارپوريشن جو چيئرمين رين هانگ بن، سنگاپور جو وزير چان چن سنگ ۽ اي اي سي او جو چيئرمين مائيڪل ايس برڪ شامل هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جيڪو عالمي اقصادي فورم جي صدر پروفيسر ڪلاس شواب جي دعوت تي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي، هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان چيني صدر شن جن پنگ جي ان شاندار قدم کي تحسين جي نظر سان ڏسي ٿو جنهن پنهنجي ويزن ذريعي مستقبل جي لاءِ عالمي رابطا جوڙي ڇڏيا آهن. هن چيو ته اهو قدم ڪيترن براعظمن تي ڏورس اثر رکندڙ آهي. واضح رهي ته پاڪستان انهن 80 ملڪن مان هڪ آهي جتان بي آر آئي گذرندي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ان جو حصو آهي، بي آر آئي انهن ملڪن مان گذري ٿي جن جو عالمي جي ڊي پي ۾ 40 سيڪڙو حصو آهي ۽ عالمي آبادي جو 60 سيڪڙو آهن، چار براعظمن تي ٻڌل نئون رستو ريشم تاريخ ۾ سڀ کان وڏو انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ قرار ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو تاريخي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو عملي مظهر آهي. هن چيو ته ان منصوبي تحت ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي سرگرمين سان گڏوگڏ وسيع ثقافتي رابطا قائم ٿيندا. هن چيني صدر شن جن پنگ جي هڪ خطي هڪ رستي جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ان قدم جو اهم جز آهي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ مواصلات، بنيادي ڍانچي، توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ان منصوبي سان خطي جا ملڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويندا. علائقائي رابطن ذريعي خطي جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته ان منصوبي سان اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملندي ۽ اهو خوشحالي جو سبب هوندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي ان منصوبي کي پائيدار بڻائڻو آهي، اسان کي رستن، بندرگاهن، انفراسٽرڪچر کي جديد بڻايو آهي. هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ قدم جا مثبت اثر پاڪستان ۾ اڳ ئي محسوس ڪيا پيا وڃن جيئن ته پاڪستان ۾ بجلي جا نوان منصوبا قائم ڪيا پيا وڃن، اسان جي صنعت ۽ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ملڪي سيمنٽ جي صنعت جي گنجائش ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته سي پيڪ سان روانگي واپار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اهو خطي ۾ معاشي استحڪام جو اهم جز آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ سان ريلوي ۽ هوائي اڏا اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته بي آر آئي گهربل مالياتي پائيداري رکندڙ آهي ۽ ان جا ماحوليات تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو آهي، فرنس آئل سان هلندڙ گهٽ صلاحيت رکندڙ پاور پلانٽس کي نئين ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ماحولياتي تحفظ جي قدمن ۾ پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان سامهون آيو آهي، پاڪستان ماحول دوست ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ پاڪستان تي پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪارن کي برابر موقعا حاصل آهن ۽ انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سي پيڪ معاشي استحڪام جو علمبردار منصوبو آهي ۽ اهو پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ خطي هڪ رستي جو منصوبو علائقائي واپار ۾ اضافي ۾ مددگار ٿيندو. وزيراعظم ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ جي صدر جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته حڪومتن کي منصوبن جي جوڙجڪ جي لاءِ وسيلن جي مناسب استعمال کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ اهڙا منصوبا جوڙڻ گهرجن جيڪي مالياتي طور تي موزون هجن. وزيراعظم چيو ته اسان بندرگاهن، ريلوي ۽ رستن ذريعي وچ ايشيا جي ملڪن کي رابطو فراهم ڪري رهيا آهيون جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر پوري علائقي کي فائدو ٿيندو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته گڏيل معاونت سان منصوبن جي پائيداري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ قدم 2018ع عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهن ۽ خاص طور تي شريڪ ملڪن ۾ گڏيل مستقبل رکندڙ آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي آر آئي تحت منصوبن سان سمورن سيڙپڪارن خاص طور تي مقامي سيڙپڪارن کي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي ته جيئن وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي. پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪندڙن علائقائي حصيدار ۽ صاف سٿري انفراسٽرڪچر جي توسيع جي اثرن تي روشني وڌي ۽ منصوبي جي حوالي سان پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. ٻين مقررين پڻ منصوبي کي ڏورس اثر رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته اهو خاص طور تي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي لاءِ اقتصادي طور تمام فائديمند ثابت ٿيندو. هنن ان راءِ جو اظهار ڪيو ته اهو منصوبو شريڪ ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنالاجي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو. جيتوڻيڪ اهو ڪيترائي چئلينجز رکندڙ آهي تنهن هوندي به مثبت رخ اهو آهي ته شريڪ ملڪ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ بهترين تجربن کي استعمال ۾ آڻي گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. شرڪت ڪندڙن وسيع تر مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل دارومدار جي فروغ تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ فائدا حاصل ٿين. ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر چيو ته منصوبي سان عالمي ڀلائي ٿيندي ۽ گڏيل فائدن ذريعي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. مباحثي جي آخر ۾ ميزبان شرڪت ڪندڙن کي منصوبي جي اهيمت کي ڪجهه لفظن ۾ سهيڙڻ جي لاءِ چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته بي آر آئي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ گهرجن جڏهن ته ٻين مقررين مسلسل وسيع البنياد مشاورت، گڏيل مواصلاتي رابطن، عالمي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو.