وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر جي ملاقات

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ24جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ڪالهه اربع ڏينهن هتي سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر جن لي ڪيان ملاقات ڪئي. وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جو شروعاتي ڏينهن ۾ پرعزم حامي رهيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته بئنڪ سان مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا قائم رهندا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم بئنڪ جي صدر جن لي ڪيان کي ٻڌايو ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن جي ترقي ۽ انهن علائقن کي سماجي ۽ اقتصادي ڌارا ۾ آڻڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيمن جي تعمير جي لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ سان انهن علائقن جي ترقي ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿيندي. هن پاڻي ذخيرو ڪرڻ، بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبن ۾ اڳتي جي مرحلن جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ بئنڪ جي معاونت جي ضرورت تي زور ڏنو. ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ڊگهي مدي واري ترقياتي بئنڪ آهي جيڪا بنيادي ڍانچي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪري ٿي. هن بئنڪ جي سرمائي جو ڪاٿو 100 ارب ڊالر آهي ۽ پاڪستان هن بئنڪ جي باني ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ سيٽ مخصوص آهي. بئنڪ پاڪستان ۾ موٽروي ايم فور شورڪوٽ خانيوال سيڪشن ۽ تربيلا فائيو توسيعي منصوبي جي لاءِ ترتيبوار 100 ۽ 300 ملين ڊالر جي مدد فراهم ڪئي آهي. گذريل مهيني بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي 7 رڪني وفد پاڪستان جو دورو پڻ ڪيو هو.