وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سمنز اي جي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سمنز اي جي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ملاقات

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ24جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سمنز اي جي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جوڪيسر ملاقات ڪئي. وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ اعليٰ حڪومتي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سمنز اي جي جي توانائي جي پيداوار ۽ ورڇ جي شعبي ۾ ڊگهي مدد کي ساراهيو. ان موقعي تي ايڊوانس اسٽڊيز، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، سسمڪ ڊيٽا پراسيسنگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جا معاملا غور هيٺ آيا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سمنز جي سي اي او کي دعوت ڏني ته پاڪستان ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪري، پاڪستان حڪومت ان حوالي سان مڪمل تعاون ۽ سهولتون ڏيندي. وزيراعظم سمنز جي سي اي او کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي سان وڏا موقعا پيدا ٿيا آهن. هن سمنز ڪمپني کي دعوت ڏني ته اها پاڪستان ۾ توانائي جي پيداوار ۽ پهچ ۽ گئس ٽرانسپورٽيشن جي شعبن ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ان نظام کي جديد بڻائڻ جي شعبي ۾ ڪم ڪري. وزيراعظم سمنز کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سندس قدمن ۾ مڪمل تعاون ڪندي. ان موقعي تي سمنز جي سي اي او آڇ ڪئي ته ٺوس ٽيڪنالاجي، تربيت، انساني وسيلن جي ترقي، گئس ۽ توانائي جي شعبي ۾ مالياتي حل، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي موجودگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي. سمنز اي جي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۽ اليڪٽرانڪس جي شعبي ۾ هڪ گلوبل پاور هائوس جي حيثيت رکي ٿي جيڪا پاڪستان سان 1973ع کان تعاون ڪري رهي آهي. سمنز اي جي هن وقت 1263 ميگاواٽ جهنگ پاور پلانٽ جي لاءِ مشينري ۽ اوزار فراهم ڪري رهي آهي ۽ تازو اها ڪمپني ڄامشورو ڪول ٽربائن ڪانٽريڪٽ ۾ ڪامياب قرار ڏني وئي آهي.