صوماليه پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي ڇو ته ان جي سامونڊي شهر گوادر ذريعي متوقع واپار جي حوالي سان آفريقا جي لاءِ گيٽ وي جو ڪم ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

صوماليه پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي ڇو ته ان جي سامونڊي شهر گوادر ذريعي متوقع واپار جي حوالي سان آفريقا جي لاءِ گيٽ وي جو ڪم ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

استنبول (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته صوماليه پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي ڇو ته ان جي سامونڊي شهر گوادر ذريعي متوقع واپار جي حوالي سان آفريقا جي لاءِ گيٽ وي جو ڪم ڪري سگهي ٿو. هن اها ڳالهه صوماليه جي صدر محمد عبدالله محمد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه اربع ڏينهن هتي او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ صوماليه جي وچ ۾ خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ مواصلاتي رابطن ۾ اضافي سان گڏيل تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صوبائي سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ تربيت جي حوالي سان پاڪستان پاران معاونت جي عزم کي ورجايو. صدر محمد عبدالله صوماليه جي امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ خدمتن تي ٿورا مڃيا. هن خاص طور تي ماضي ۾ صوماليه جي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان امن دستن جي ڪردار کي ساراهيندي فرضن جي ادائيگي دوران انهن جي قربانين کي ساراهيو. هن هزارين صومالي شاگردن کي تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ تي پڻ پاڪستان جا ٿورا مڃيا جيڪي صوماليه جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي عالمي ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔