چين جي نائب وزيراعظم پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستو تصور کي اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستاني ميڊيا جي ساراهه

چين جي نائب وزيراعظم پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستو تصور کي اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستاني ميڊيا جي ساراهه

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ26ستمبر2017ء) چين جي نائب وزيراعظم زانگ گاولي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستو تصور کي حقيقي معنيٰ ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستاني ميڊيا جي حمايت ۽ عملي ڪردار کي ساراهيو. هن اها ڳالهه بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ عالمي ميڊيا هائوسز جي سربراهن ۽ نمائندن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستي تصور کي حقيقي معنيٰ ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ايشين ميڊيا ورڪشاپ ۽ ميڊيا ڪوآپريشن فورم 2017ع جي نالي سان هن تقريب ۾ پاڪستان سميت 126 ملڪن جي 300 کان وڌيڪ ميڊيا جي ادارن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي جيڪا چين ڪميونسٽي پارٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ ۽ پيپلز ڊيلي منعقد ڪئي آهي. هن هڪ پٽيءَ هڪ رستي جي ويزن ۽ قدمن کي سمجهڻ ۽ ان جي ادراڪ تي ميڊيا هائوسز جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اهو ويزن عملي طور تي لاڳو ٿيڻ سان عالمي سطح تي امن، ترقي، خوشحالي ۽ تعاون کي هٿي ملندي، ون بيلٽ ون روڊ قدمن ۾ دانشوراڻي تعاون فراهم ڪرڻ تي چين ميڊيا جي سمورن ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جو ٿورائتو آهي، گذريل چئن سالن ۾ ون بيلٽ ون روڊ قدمن جا انتهائي فائديمند نتيجا سامهون آيا آهن، انهن قدمن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ۽ اسان لاڀائتي تعاون جي آجيان ڪريون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته عوامي رابطن ذريعي اسان هڪ ٻئي جي تجربن مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا. هن چيو ته دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ بي مثال تبديلين مان گذري رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ون بيلٽ ون روڊ ويزن هڪ اهڙو منفرد قدم آهي جنهن جا هدف عملي مشاورت ۽ رابطن کانسواءِ ممڪن نه آهن. ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو ته صدر شي جن پنگ جو ون بيلٽ ون روڊ ويزن شاندار آهي ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ کانپوءِ ڪمزور معيشتن وارن ملڪن ۾ انقلابي تبديلين جون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستو تصور کي اجاگر ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.