چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ جي منصوبي سان گڏيل ترقي جي عڪاسي ٿئي ٿي: وزيراعظم

چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ جي منصوبي سان گڏيل ترقي جي عڪاسي ٿئي ٿي: وزيراعظم

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ جي منصوبي سان گڏيل ترقي جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ هي ڏکڻ ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو هڪ بهترين ماڊل ۽ خوشحالي ۽ ترقي طرف هڪ ٺوس رستو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عالمي اڳواڻن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي معيشت گذريل چار سالن جي دوران شاندار بهتري آئي آهي، هن چيو ته چائنه پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور اقتصادي ترقي لاءِ وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽيشن کان وٺي ٻين شعبن تائين پکڙندي. هن چيو ته پاڪستان 207 ملين جي نوجوانن تي مشتمل آبادي سان پراعتماد آهي ته هو وڌندڙ آمدني، کپت ۽ پيداوار کي استعمال ۾ آڻيندي اقتصادي حڪمت عملي جي ذريعي خوشحالي طرف وڌندو، هن چيو ته پاڪستان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ اندر ۽ پنهنجي سرحدن جي ڀرپاسي سلامتي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان سمورين رياستن سان برابري ۽ خودمختياري جي بنياد تي سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون ۽ اسان دوستي ۽ تعاون جي سمورين آڇن تي مثبت طور تي اڳتي و‎ڌنداسين.