اسان هاڻي وڌيڪ ڪنهن جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو نه بڻجنداسين، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين تي عمل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويندو، ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان هاڻي ڪنهن جي لاءِ وڌيڪ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين تي عمل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويندو، ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ معصوم عوام تي ظلمن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو انڌاڌند ۽ هروڀرو استعمال ڪري رهيو آهي، عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي هروڀرو نشانو بڻايو پيو وڃي، هزارن جي تعداد ۾ معصوم ڪشميري ماريا ۽ زخمي ڪيا ويا آهن، شارٽ گن پيلٽ سان ٻارن سميت هزارن جي تعداد ۾ ڪشميري پنهنجي نظر کان محروم يا معذور ٿي چڪا آهن. هي ۽ اهڙي طرح جا ٻيا ظلم جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ جنگ سان تباهه ٿيل افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستاني خواهش، پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششن ۽ قربانين، وچ ايشيا ۾ صورتحال، گڏيل قومن ۾ سڌارا، ماحولياتي تبديلي، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ معاشي استحڪام تي به خيالن جو اظهار ڪيو. هن پاڙيسرين سان امن سان رهڻ جي پاڪستاني خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ جامع ڳالهين جي بحالي ۽ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن تي ڳالهين جو خواهشمند آهي تنهن هوندي به هن چيو ته انهن ڳالهين لاءِ ڀارت کي پاڪستان جي خلاف رياستي پٺڀرائي سان ڪيل دهشتگردي سميت اسان جي اولهندي سرحد جي ٻئي پاسي کان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ڀارت جي طرفان پاڪستان جي خلاف تخريبڪاري جي مهم کان پاسو ڪرڻو پوندو. ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ سڄي دنيا جي اعليٰ سطحي وفدن کي ٻڌايو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري واري حق کان محروم ڪرڻ ۽ آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ 7 لک فوج مقرر ڪري رکي آهي، هن چيو ته تازي تاريخ ۾ ڪنهن به غير ملڪي فوج طرفان مقرر ڪيل هي سڀ کان وڏو تعداد آهي. هن چيو ته اڄ ڪشميري عوام ڀارت جي ڏاڍ کان آزاد ٿيڻ لاءِ هڪ تاريخي ۽ مقبول جدوجهد ڪري رهي آهي، هن چيو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس جي صدارت تي ميرو سليولجڪن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هو پنهنجي عوامي خدمت ۽ عالمي لاڳاپن جي ڊگهي تجربن ۽ عالمي لاڳاپن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا کي درپيش سلامتي، ترقي ۽ گورننس جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪامياب رهنمائي فراهم ڪندو. هن ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن جي عالمي جاچ جو مطالبو ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو پتو لڳائي ۽ ان جي ذميدارن کي سزا ڏيارڻ ۽ متاثرين کي انصاف ۽ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪميشن موڪلي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته هو والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گنن سان ڪشميرين تي حملن ۽ معصوم شهرين تي تشدد ۽ ظلمن جو سلسلو بند ڪرائي. رياستي پاليسي طور عورتن تي زيادتين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي، ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ختم ڪيو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ ڊريڪونين هنگامي قانون ختم ڪيا وڃن ۽ سموري ڪشميري سياسي قيادت کي آزاد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪشمير ۾ لائين آف ڪنٽرول تي فائربندي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال جنوري کان هيستائين فائربندي جون 600 خلاف ورزيون ڪري چڪو آهي، پاڪستان ان صورتحال تي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي. پر جيڪڏهن لائين ڪنٽرول تي ڀارت ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ڪندو يا پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرين تي عمل پيرا ٿيندو ته ان کي موثر ۽ ساڳيو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي پرامن ۽ فوري حل لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان امن عمل کي بحال ڪرڻ تي تيار نه آهي، اسان سلامتي ڪائونسل تي زور ڏيون ٿا ته هو والاريل ڪشمير تي پنهنجي قرارداد تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ پنهنجي ذميداري پوري ڪري، ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪشمير تي خصوصي نمائندو مقرر ڪري جيڪو سلامتي ڪائونسل جي پراڻي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان جو واضح موقف پيش ڪندي چيو ته پاڪستان افغانستان جي جنگ کي پنهنجي سرزمين تي وڙهڻ نه ڏيندو، هن چيو ته اسان ڪنهن اهڙي ناڪام حڪمت عملي جو توثيق نٿا ڪري سگهون جيڪا پاڪستان ۽ افغانستان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ۽ ان کي ڊيگهه ڏيندي. هن چيو ته افغانستان ۾ فوجي يا سياسي خال لاءِ ذميوار بڻائڻ خاص طور تي پاڪستان لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان کنيو آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار ناهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ ناهن پر افغانستان ۾ طالبان جي قبضي واري وسيع علائقي ۾ آهن. هن چيو ته سرحد پار کان حملا ضرور ٿيندا آهن پر هي حملا وڌيڪ سرحد جي ٻي پار موجود محفوظ ٺڪاڻن کان پاڪستان مخالف دهشتگردن جي طرفان ڪيا ويندا آهن. اهڙي طرح جي حملن جي روڪٿام لاءِ پاڪستان افغان حڪومت ۽ اتحادي فورسز کي چيو آهي ته هو سرحد کي ڪنٽرول ڪرڻ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ اچ وڃ جي نگراني لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن جي حمايت ڪري. هن چيو ته گذريل چئن ڏهاڪن کان غير ملڪي مداخلت سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي تمام گهڻو پهتو، هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ افغانستان ۾ امن جو ڪو ٻيو خواهشمند ناهي تنهن هوندي به افغانستان ۾ 16 سالا جنگ کانپوءِ هي ڳالهه واضح آهي ته افغانستان ۾ امن کي جنگ جاري رکي بحال نٿو ڪري سگهجي. ڪا به ڌر هڪٻئي تي فوجي حل لاڳو نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغانستان ۾ فوري ۽ حقيقتن تي ٻڌل مقصدن ۾ افغانستان ۾ داعش، القاعده ۽ انهن جي حمايتن جي خاتمي لاءِ به ٺوس قدم شامل هجڻ گهرجن، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قدمن تي سوال نٿو اٿاري سگهجي، هن چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان جي ڪوششن سان ئي القاعده جو خاتمو ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان فوجي آپريشنز سان جابلو علائقن مان سمورن عسڪريت پسند گروپن کي ختم ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. 6500 فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن سميت 27 هزار پاڪستاني ان جنگ ۾ شهيد ٿيا، وزيراعظم دهشتگردي جي عالمي مسئلي سان جامع طور تي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي حڪمت عملي ۾ اهم نقصن جو ذڪر ڪيو جنهن سبب ان مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي ٿي. هن دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته دهشتگردي جا بنيادي سبب صرف غربت ۽ جهالت نه آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي سببن ۾ ناانصافي، ڏاڍ ۽ غير ملڪي مداخلت سميت سياسي ۽ ٻين محرومين تي انتهائي رد عمل به آهي. هن چيو ته انهن سببن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد گروپن جي بياني کي منهن ڏيڻ مشڪل هوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مخالفاڻو ۽ وڌندڙ عسڪري قوت وارو پاڙيسري درپيش آهي ۽ پاڪستان لاءِ ڀروسي جوڳي ڊيٽرننس لاءِ پنهنجي صلاحيت کي برقرار رکڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جوهري هٿيار صرف ان لاءِ ٺاهيا آهن ڇو ته ان جي پاڙيسري خطي ۾ انهن هٿيارن کي متعارف ڪرايو آهي، اسان جا جوهري اثاثا جارحاڻي ڌمڪين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته پاڪستان جا جوهري اثاثا پوري طرح سان موثر ڪنٽرول ۾ آهن جنهن جو ماهرن اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته عالمي برادري پاڪستان کي غير امتيازي بنياد تي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ جهڙي عالمي ايٽمي عدم پکيڙ واري انتظام ۾ شامل ڪري، وزيراعظم چيو ته اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ تازو تڪرار يورپ کي هڪ ٻي سرد جنگ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو، جڏهن ته ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي کي ڏکڻ اوڀر ۽ اولهه ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ اڀرندڙ عالمي طاقتن جي مزاحمت مان خطرو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته شام، عراق، يمن سميت وچ اوڀر ۾ هر هنڌ جنگ ۽ تشدد آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ عراق ۽ شام ۾ داعش ڪمزور ٿي آهي پر وچ اوڀر، آفريقا ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ دهشتگرداڻو تشدد پکڙي چڪو آهي، هن چيو ته فلسطين جي الميي جو انت ٿيندي نظر نٿو اچي. اسرائيل جي غير قانوني ڏاڍ ۽ غير قانوني بستين ۾ توسيع سان مقدس سرزمين تي تشدد پکڙجندو نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته نسل پرستي ۽ مذهبي نفرت، اسلامي فوبيا ۽ زينوفوبيا ۾ بدلي چڪي آهي ۽ دنيا جي مختلف قومن ۽ عوام جي وچ ۾ ديوارون ۽ نفسياتي رڪاوٽون بيهاري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته روهنگيا جي مسلسمانن جي نشل ڪشي نه صرف انسانيت جي سمورن بنيادي قدرن جي خلاف آهي پر هي اسان جي اجتماعي ضمير لاءِ به چئلينج آهي. هن چيو ته غربت، بيمارين، ماحولياتي تبديلين، ايٽمي پکيڙ، دهشتگردي ۽ زبردستي بيدخلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون اڻٽر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قون جي سيڪريٽري جنرل طرفان امن، سلامتي، ترقي ۽ انتظام ۾ گڏيل قومن جي اهليت کي سگهه ڏيڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو، هن چيو ته اسان انهن سڌارن لاءِ به پرعزم آهيون جنهن جي ذريعي سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائندگي رکندڙ، جمهوري ۽ جوابده بڻائي سگهجي نه وري هي رڳو طاقتورن جي ڪلب بڻجي نه رهجي وڃي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن برقرار رکندڙ دستن ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڏو حصيدار آهي، اسان امن برقرار رکڻ لاءِ سڀ کان اڳيان رهيا آهيون ۽ پنهنجي سلامتي چئلينجن جي باوجود پنهنجي پيشيوراڻي ۽ تربيت يافته اهلڪارن کي گڏيل قومن ۾ موڪلينداسين، وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي انسانيت جي مستقبل لاءِ هڪ نئون خطرو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. پاڪستان پيرس معاهدي جي هدفن جو ادراڪ رکي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته ان تي عمل ان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته ترقي پذير ملڪن جي بنيادي مقصدن ۾ واڌ ويجهه جي شرح ۽ ترقي شامل آهي ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جا هدف تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ حوصلا مند سطح تي آهن. هن چيو ته چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ جي منصوبي سان گڏيل ترقي جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ هي ڏکڻ ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو هڪ بهترين ماڊل ۽ خوشحالي ۽ ترقي طرف هڪ ٺوس رستو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عالمي اڳواڻن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي معيشت گذريل چار سالن جي دوران شاندار بهتري آئي آهي، هن چيو ته چائنه پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور اقتصادي ترقي لاءِ وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽيشن کان وٺي ٻين شعبن تائين پکڙندي. هن چيو ته پاڪستان 207 ملين جي نوجوانن تي مشتمل آبادي سان پراعتماد آهي ته هو وڌندڙ آمدني، کپت ۽ پيداوار کي استعمال ۾ آڻيندي اقتصادي حڪمت عملي جي ذريعي خوشحالي طرف وڌندو، هن چيو ته پاڪستان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ اندر ۽ پنهنجي سرحدن جي ڀرپاسي سلامتي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان سمورين رياستن سان برابري ۽ خودمختياري جي بنياد تي سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون ۽ اسان دوستي ۽ تعاون جي سمورين آڇن تي مثبت طور تي اڳتي و‎ڌنداسين.