آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ21ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي ڪمپنين کي چيو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، جتي انهن جي لاءِ محفوظ ماحول، دلڪش منافعو ۽ ان جي سندن ملڪ ۾ منتقلي کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستان آمريڪا بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ مانجهاندي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2025ع ۾ دنيا جي 20 وڏي معاشي طاقتن ۾ شامل ٿي ويندو، ان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سال عمر کان گهٽ ۽ 10 ڪروڙ مڊل ڪلاس عوام تي ٻڌل هوندي. مانجهاندي ۾ وڏين آمريڪي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر قسم جو پوٽينشل موجود آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پنس سان ٿيندڙ ملاقات لاڀائتي رهي آهي. هن چيو ته آمريڪي قيادت جو پاڪستان بابت رويو وڏو مثبت آهي ۽ آئون به انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي حڪومت سيڙپڪارن جي ضرورتن کان پوري طرح آگاهه آهي. هن يقين ڏياريو ته پرڏيهي ڪمپنين جي سمورين ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجود خدشن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون آمريڪي ڪمپنيون اڳ ۾ ئي موجود آهن ۽ اهي سٺو ڪاروبار ڪري رهيون آهن. هن جنرل اليڪٽرڪ جو حوالو ڏنو جيڪا پاڪستان جي مختلف منصوبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڏهن توهان پاڪستان اچو ٿا ته تمام گهڻن محفوظ هٿن ۾ هوندا آهيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪي ڪمپنيون سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري وڏو منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، جنهن ۾ چين 60 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ وچ ايشيائي ملڪن جي لاءِ نوان رستا کوليندو. نئون انفراسٽرڪچر، رستا ۽ توانائي جا منصوبا تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ انگ اکر بهتر ٿيا آهن، واڌويجهه جي شرح 4 سالن ۾ 2.6 سيڪڙو مان وڌي 5.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا ايندڙ سال 6 سيڪڙو ٿي ويندي. هن چيو ته ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا ۽ خطي ۾ بهترين پرفارم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ 10 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي جڏهن ته وڌيڪ منصوبا به پڄاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته جديد ليڪوئيفائيڊ نيچرل گئس ٽرمينل تعيمر ڪري قدرتي گئس جي ضرورتن کي به پورو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڻي جا وڏا ذخيرا پڻ تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن جن سان بجلي پيدا ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان امن جي لاءِ 6500 سيڪيورٽي عملي ۽ 21000 شهرين جي قرباني ڏني آهي، دهشتگردي جي مرڪزن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان کي مڪمل طور تي محفوظ بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دنيا کي پرامن بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان 120 ارب ڊالرز جو معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي۔