وزيراعظم جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب

وزيراعظم جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب

مالي (پاکستان نیوزپوائنٹ 25جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي اعزاز ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي جيڪو مالديپ جي 52 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ صدر عبدالله يامين عبدالقيوم جي دعوت تي مالديپ جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. صدارتي آفيس اچڻ تي صدر عبدالله يامين وزيراعظم محمد نواز شريف جي شاندار آجيان ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم کي 7 توپن جي سلامي ڏني وئي، پاڪستان ۽ مالديپ جا قومي ترانا وڄايا ويا. مالديپ جي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. وزيراعظم گارڊ آف آرنر جو معائنو پڻ ڪيو. وزيراعظم مالديپ جي صدر سان پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو جڏهن ته عبدالله يامين ڪابينا جي ميمبرن کي وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف مالديپ جي دوري تي ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو ته صدر عبدالله يامين عبدالقيوم ۽ خاتون اول سندس شاندار آجيان ڪئي. بيگم ڪلثوم نواز، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ ساڻس گڏ هئا. ٻن ٻارن وزيراعظم ۽ سندس گهرواريءَ کي گلدستا پيش ڪيا. مالديپ جي دفاعي فورسز جي دستي کيس سلامي ڏني.