وزيراعظم مالديپ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مالي پهچي ويو

وزيراعظم مالديپ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مالي پهچي ويو

مالي (پاکستان نیوزپوائنٹ 25جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن مالديپ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مالي پهچي ويو، مالديپ جي گادي واري شهر مالي جي هوائي اڏي تي مالديپ جي صدر عبدالله يامين ۽ ڪابينا جي ميمبرن وزيراعظم جو والهاڻو استقبال ڪيو. وزيراعظم نواز شريف اڄ 26 جولاءِ تي مالديپ جي 52 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت جي لاءِ صدر عبدالله يامين عبدالقيوم جي دعوت تي 25 کان 27 جولاءِ تائين جمهوريه مالديپ جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. بيگم ڪلثوم نواز، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، سينيٽر پرويز رشيد ۽ اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ آهن. دوري دوران.وزيراعظم محمد نواز شريف مالديپ جي صدر سان باضابطه ڳالهيون به ڪندو جڏهن ته ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون به ڪيون وينديون، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، مالديپ سان سفارتي لاڳاپا 26 جولاءِ 1966ع کان هموار ٿيا هئا جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻئي ملڪ گڏيل اهميت جي معاملن تي علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي سان ويجهي مدد ڪندا آهن، پاڪ مالديپ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي ۽ پرجوش لاڳاپن سان جڙيل آهن، وزيراعظم جي دوري سان سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سياحتي، تعليمي ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. هي دورو خطي جي ملڪن سان فعال لاڳاپن بابت ملڪي پاليسي سان جڙيل آهي.