پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس

پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس

پوگس (تاجڪستان) (پاکستان نیوزپوائنٹ 6جولائی2017ء) پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن هتي ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪاسا 1000 بجلي جي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اهو چار ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان ۽ افغانستان کي 1300 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغزستان جي وزيراعظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن اڳواڻن جو اجلاس گادي واري شهر دوشنبي کان 36 ڪلوميٽر پري پهاڙي سياحتي ماڳ پوگس ۾ ٿيو جنهن ۾ ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان پاڻي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. اڳواڻن مئي 2016ع ۾ ان منصوبي جي شروعات ڪئي هئي جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي حڪومت منصوبي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ۽ استنبول ۾ تاريخي معاهدو طئي ٿيو. چار ملڪي اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ کي خطي جي لاءِ اهڪ اهم منصوبو قرار ڏيندي ان تي جلد عملدرآمد جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو ته منصوبي سان خطي ۾ واپار ۾ اضافي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي، توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ علائقائي هم آهنگي جي فروغ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ڪاسا 1000 اجلاس جي ميزباني ۽ شاندار مهمان نوازي تي تاجڪستان جي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهو اسان جي خطي ۾ هڪ فليگ شپ منصوبو آهي جيڪو وچ ايشيا ۾ تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي بجلي جي گرڊ ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيندو. ان جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۽ افغانستان کي تاجڪستان ۽ ڪرغزستان مان گرمين جي موسم ۾ ترتيبوار هڪ هزار ميگاواٽ ۽ 300 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي. هن چيو ته اهو منصوبو ميمبر ملڪن جي لاءِ اقتصادي، سماجي ۽ ماحولياتي فائدو ڏيندو ۽ توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، واپار ۾ بهتري ايندي ۽ صاف سٿري توانائي جي فراهمي سان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي ايندي. ان سان علائقائي هم آهنگي ۾ پڻ مدد ملندي. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اهو منصوبو وقت سر مڪمل ٿئي. وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو مجوزه سينٽرل ايشيا، سائوٿ ايشيا، ريجنل اليڪٽريسٽي مارڪيٽ کي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي سان هڪ اهم قدم آهي. اهو توانائي جي کوٽ جو شڪار ڏکڻ ايشيا ۽ وڌيڪ مقدار ۾ توانائي رکندڙ وچ ايشيا جي وچ ۾ تعاون جي فروغ جو اعليٰ مثال هوندو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ڪاسا 1000 منصوبي سان نه رڳو ڪرغزستان ۽ تاجڪستان کي اوڳاڙي ملندي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ بجلي جي کوٽ ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي ۽ ترقي جي امڪانن ۾ اضافو ٿيندو. اهو وسيع تر ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري موقعا پيدا ڪندي افغانستان جي لاءِ پڻ روينيو جو ذريعو هوندو. هن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته 16 مارچ 2017ع تي دوشنبي ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي بابت پاڪ تاجڪ گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو ٻيون اجلاس ٿيو. اها ڳالهه به حوصلي جوڳي آهي ته 11 مئي 2017ع تي اي بي بي، سيمنز، ايلسٽونيٽ جهڙن مينوفيچڪرز سميت ڪنورٽرز اسٽيشنن جي لاءِ 5 ڪمپنين آڇ ڏني آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪرغزستان کان تاجڪستان ۽ تاجڪستان کان افغانستان تائين ٽرانسميشن لائينن جي لاءِ ٽينڊر پيش ڪيا ويا آهن جن جو جائزو ورتو پيو وڃي. مون کي اميد آهي ته ٽرانسميشن لائينن تي ڪم جلد شروع ٿي ويندو. وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت پاران منصوبي تي جلد عملدرآمد جي عزم کي ورجائيندي چيو ته اسان کي پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ پنهنجي صنعتي شعبي کي پوري صلاحيت سان هلائڻ جي لاءِ توانائي گهربل آهي. ان سان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي عوام جي زندگي جو معيار پڻ بلند ڪرڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته ڪاسا 1000 منصوبو تاجڪستان ۽ ڪرغزستان سان پاڪستان ۽ افغانستان کي بجلي جي پهچ جو منصوبو آهي. توانائي جي شعبي ۾ پنهنجي نوعيت جو انفرادي منصوبو ڪاسا 1000 جي شروعات گذريل سال ٿي هئي. ڪاسا 1000 منصوبو 2018ع ۾ مڪمل ٿيندو. منصوبو پاڪستان کي سستي ۽ ماحول دوست بجلي جي فراهمي جو سبب بڻجندو. ڪاسا 1000 سان توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. منصوبي سان علائقائي رابطن جي فروغ ۽ واپاري سرگرميون وڌنديون. منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. عالمي بئنڪ مارچ 2014ع ۾ منصوبي جي لاءِ 52 ڪروڙ 65 لک ڊالر جي گرانٽ ۽ ڪريڊٽ فنانسنگ جي منظوري ڏني هئي. منصوبو توانائي ۽ واپاري لنگهن سان علائقائي ملڪن ۾ تعاون وڌڻ جي وزيراعظم جي ويزن جو عڪاس آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ واپار وارو وزير پڻ ساڻس گڏ آهن.