پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي  اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا: وزيراعظم محمد نواز شريف

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪ قيادت سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو تاجڪستان ۾ سياسي استحڪام، سماجي هم آهنگي ۽ ان جي شاندار اقتصادي ترقي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان رستن، ريل ۽ هوائي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته علائقائي يڪجهتي، ٻطرفي واپاري، سياحتي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ان جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي لاءِ اسان ڪوششون تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ويجهن سياسي لاڳاپن کي توانائي، واپار، سيڙپڪاري، معيشت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون جي شڪل ڏيڻ جو موقعو ملندو. ڳالهين ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم، او آءِ سي ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. دهشتگردي خلاف گڏيل قدمن جي حوالي سان ٻنهي طرفن کان عالمي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان تاجڪستان جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ٻنهي طرفن کان زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته صدر امام رحمانوف جي قيادت ۾ سندن ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن آهي جنهن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. نواز شريف ياد ڏياريو ته سندس جون 2014ع کانپوءِ سندس هي چوٿون دورو آهي جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف پاڪستان جا ٻه دورا ڪيا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جا اعليٰ سطحي دورا انهن جي گهري لاڳاپن جي عڪاسي ڪن ٿا. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اسلام آباد وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي تاجڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته علائقائي يڪجهتي جي سلسلي ۾ گڏيل رابطن کي اهم حيثيت حاصل آهي. ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي سميت اقتصادي شعبي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان تي تعميراتي ڪم جلد شروع ٿيندو. وزيراعظم محمد نواز شريف واپار، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي حوالي سان چيو ته 2014ع ۾ ڪيل اتفاق موجب ٻنهي ملڪن کي گذريل مهيني دوشنبي ۾ بزنس فورم ۾ ٻنهي طرفن کان فارماسيوٽيڪلز، ٽيڪسٽائيل ۽ تعميرات جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي. هن چيو ته واپاري سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽ تي گڏيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس هلندڙ مهيني ٿيندو جنهن ۾ انهن شعبن ۾ نوان موقعا ڳوليا ويندا. هن دوشنبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪمرشل سيڪشن کولڻ جو پڻ اعلان ڪيو. گذريل 5 سالن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف واپار 40 کان 90 ملين ڊالر جي وچ ۾ رهيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن ان کي 500 ملين ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا. ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گيل مقصدن جي بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته تاجڪستان جي چار ملڪي ٽريفڪ لنگهه معاهدي ۾ باقاعده شموليت سان اقتصادي ترقي ۽ علائقائي يڪجهتي جي سلسلي ۾ سهولت ملندي. ان معاهدي ۾ چين، قزاخستان، ڪرغزستان ۽ پاڪستان شامل آهن. ٻنهي طرفن کان ڊفينس فورسز ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻجي لاءِ قدمن جي سلسلي ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي صرورت تي زور پڻ ڏنو ۽ عالمي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس گهرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اتفاق ڪيو ته ان جو اجلاس ايندڙ مهيني دوشنبي ۾ ٿيندو. وزيرعظم محمد نواز شريف تاجڪستان جي هٿياربند فوج جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پڻ آڇ ڪئي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير جي عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. افغانستان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ سمورين ڪوششن جي سلسلي ۾ تعميري حصيداري جاري رکندو. هن چيو ته افغانستان ۾ استحڪام سان علائقائي رابطن ۽اقتصادي ترقي کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جي جون 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف صحافين سان ڳالهائيندي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستان جي شموليت تي وزيراعظم محمد نواز شريف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن جي 25 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون تعميري ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستحڪم لاڳاپن سان علائقائي تعاون ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ملندو. هن چيو ته ڳالهين جي تسلسل سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. تاجڪستان جي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني سيڙپڪار تاجڪستان ۾ ٽريڊ فري زونز ۾ سيڙپڪاري ڪندا. هن چيو ته تاجڪستان خشڪي ۾ گهيريل آهي ۽ پاڪستان جي بندرگاهن ذريعي پنهنجون شيون دنيا جي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ جي موقعن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اي سي او، او آءِ سي ۽ ايس سي او جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو تاجڪستان جو دورو اطمينان جوڳو آهي ۽ اميد آهي ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا کي فروغ ملندو.