پاڪستان ۽ تاجڪستان پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون

پاڪستان ۽ تاجڪستان پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪندي علائقائي رابطن، واپار ۽ توانائي تي ڌيان ڏيندي معيشت، دفاع ۽ سلامتي، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا نوان موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر ۾ آهي، هن تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ علائقائي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ حڪومتي ۽ علائقائي سطح تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. ٻئي اڳواڻ واپاري تعاون تي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي پڻ موجود هئا. واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير پاڪستان پاران مفاهمت جيياداشت تي صحيحون ڪيون جڏهن ته تاجڪستان پاران معيشت جي وزير نعمت الله حڪمت الله زاده صحيحون ڪيون. ان موقعي تي باراني زرعي يونيورسٽي راولپنڊي ۽ دوشنبي جي زرعي يونيورسٽي جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. دوشنبي زرعي يونيورسٽي پاران ريڪٽر نعمت الله فيض الله ۽ پاڪستان پاران پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز صحيحون ڪيون.