پاڪستان ۽ تاجڪستان پاران زراعت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون تي اتفاق نهي ملڪن ۾ واپار جي فروغ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، اميد ته 500 ملين ڊالر جو هدف حاصل ٿي ويندو: وزيراعظم نواز شريف

پاڪستان ۽ تاجڪستان پاران زراعت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون تي اتفاق نهي ملڪن ۾ واپار جي فروغ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، اميد ته 500 ملين ڊالر جو هدف حاصل ٿي ويندو: وزيراعظم نواز شريف

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) پاڪستان ۽ تاجڪستان زراعت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ ۽ ڪاروباري ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻئي ملڪ ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته واپار جي فروغ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اميد آهي ته ٻئي ملڪ 500 ملين ڊالر جو پنهنجو هدف جلد حاصل ڪري وٺندا، ٻنهي اڳواڻن گڏيل واپار ۾ بهتري جو ذڪر ڪندي ڪمزور شعبن جي نشاندهي ۽ ان سلسلي ۾ مسئلا ختم ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو. هنن نئين روايتي ۽ غيرروايتي واپاري مصنوعات ۽ خدمتن جي تعين جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن کي ٺوس ڍانچو جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ٻنهي طرفن کان پنهنجي مصنوعات جي فروغ لاءِ نمائش منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ وزيراعظم ايس سي او ۾ پاڪستان جي شموليت جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اها پوري خطي جي سيڪيورٽي لاءِ فائديمند هوندي. هن دوري جي موقعي تي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي بابت گڏيل ڪميشن منعقد ڪرڻ جي پڻ نشاندهي ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان يقين جو اظهار ڪيو ته 2018ع تائين ڪاسا 1000 جو مڪمل ٿيڻ خطي جي عوام لاءِ فائديمند هوندو. وزيراعظم نواز شريف تاجڪ روانگي واپار جي ٻين ملڪن تائين فروغ جي لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن ۽ مواصلاتي ڍانچي جي فراهمي جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته گوادر ٻين وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان اڳتي جي علائقن تائين گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ اڏامن جي بحالي جي ضرورت کي محسوس ڪيو ته جيئن عوامي ۽ ڪاروباري رابطن کي فروغ ملي سگهي.