وزيراعظم جي اعزاز ۾ پيلس آف دي نيشن ۾ باضابطا طور تي آجياڻي واري تقريب

وزيراعظم جي اعزاز ۾ پيلس آف دي نيشن ۾ باضابطا طور تي آجياڻي واري تقريب

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي اعزاز ۾ هتي پيلس آف دي نيشن ۾ باضابطا طور تي آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. تاجڪ صدر وزيراعظم جي اچڻ تي مرڪزي دروازي تي سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. تاجڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامي ڏني ۽ وزيراعظم گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو.