وزيراعظم پاران دوستي اسڪوائر جو دورو

وزيراعظم پاران دوستي اسڪوائر جو دورو

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اربع ڏينهن هتي دوستي اسڪوائر جو دورو ڪيو ۽ تاجڪستان جي باني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ان اسڪوائر ۾ اسماعيل سوموني جي يادگار آهي، جيڪو ساساندز سلطنت جو امير ۽ وچ ايشيائي رياست جو باني هو. هو تاريخ ۾ هڪ باصلاحيت جنرل ۽ مضبوط حڪمران تصور ڪيو وڃي ٿو. هي يادگار 1999ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي.