وزيراعظم ٻن ڏينهن سرڪاري دوري تي تاجڪستان پهچي ويو

وزيراعظم ٻن ڏينهن سرڪاري دوري تي تاجڪستان پهچي ويو

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف صدر امام علي رحمانوف جي دعوت تي ڪالهه اربع ڏينهن تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو آهي. هتي پهچڻ تي تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسولزاده ڪابينا ميمبرن سان دوشنبي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ خرم دستگير به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ڪاسا 1000 جي ميمبر ملڪن افغانستان، ڪرغزستان، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي چار ملڪي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ان منصوبي جو مقصد توانائي لنگهه قائم ڪرڻ ۽ تاجڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زميني رابطا پيدا ڪرڻ آهي. هي پاڪستان ۽ افغانستان کي تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي فراهم ڪندو. دوري جي موقعي تي گڏيل دلچسپي جي علائقائي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ پاڪستان، افغانستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٽه ملڪي سربراهي اجلاس به منعقد ٿيندو. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ واپار، سيڙپڪاري، توانائي تعاون ۽ علائقائي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هو پاڪستان جي پرامن پاڙيسري جي پاليسي تي خصوصي ڌيان ڏيندي گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي طرفن کان دوري دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿينديون. ياد رهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي تي ٻڌل آهن. ٻئي ملڪ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي سوچ رکن ٿا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جو اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به هڪ جهڙو موقف آهي. پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جن تاجڪستان جي آزادي کي تسليم ڪندي سفارتي لاڳاپا رکيا ۽ دوشنبي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ مشن کوليو. وزيراعظم جو تاجڪستان جو دورو پاڙيسري ۽ علائقائي ملڪن سان پاڪستان جي مضبوط لاڳاپن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ انهن جي ويزن جي عڪاسي آهي. دوري دوران علائقائي يڪجهتي لاءِ اسرندڙ حصيداري ڏانهن وک جي عنوان سان هڪ گڏيل پڌرنامي تي به صحيحون ڪيون وينديون.