پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي مڪمل ميمبر جي حيثيت سان علائقائي امن، رابطن ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ تنظيم جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششون استعمال ۾ آڻيندو، پاڪستان پرامن پاڙيسري جي پاليسي تي ڪاربند آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي مڪمل ميمبر جي حيثيت سان علائقائي امن، رابطن ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ تنظيم جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششون استعمال ۾ آڻيندو، پاڪستان پرامن پاڙيسري جي پاليسي تي ڪاربند آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

آستانه (پاکستان نیوزپوائنٹ 9جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مڪمل ميمبر جي حيثيت سان علائقائي امن، رابطن ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ تنظيم جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششون استعمال ۾ آڻيندو. هن اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن ايس سي او جي مملڪتي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرامن پاڙيسري جي پاليسي تي ڪاربند آهي. هن ايندڙ نسلن جي لاءِ امن ۽ هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏنو. هن چيو ته ايس سي او ميمبرن سان اسان جا گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا ۽ مضبوط اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا هموار آهن. هن چيو ته ايس سي او جا مقصد پاڪستان جي قومي مزاج سان هم آهنگ آهن ۽ انهي طرح ”شنگهائي سپرٽ“ جي بنيادي قدرن ۽ ايس سي او جو چارٽر پرامن پاڙيسري جي اسان جي جستجو سان هم آهنگ آهن، ان ڏس ۾ وزيراعظم ايس سي او ميمبرن جي وچ ۾ پنج سالن لاءِ سٺي پاڙيسري جي ڊگهي مدي واري معاهدي جي ضرورت جي باري ۾ چين جي صدر شي جن پنگ جي تجويز جي آجيان ڪئي، هن چيو ته اڳواڻن جي حيثيت سان اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ تڪرار ۽ عداوت جو زهريلو فصل جو نه پر امن دوستي جو ورثو ڇڏڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي توسيع سان ايس سي او حقيقي طور تي بين البراعظمي تنظيم بڻجي چڪي آهي. ايندڙ ڏهاڪن ۾ هي ايشيا – بحر الڪاهل، وچ ايشيا، اولهه ايشيا ۽ ايٽلانٽڪ ريجن جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو ڪم ڪندي. هن چيو ته ايس سي او عالمي تبديلين جي ڏس ۾ علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نمايان ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي هي معيشت کي بنيادي اهميت ڏيندي عالمي سياست ۽ اقتصاديات جو اهم مرڪز بڻجڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او هڪجهڙي خوشحالي لاءِ امن جي فروغ، اعتماد سازي ۽ معاشي ترقي لاءِ شراڪت داري جو هڪ مضبوط پليٽ فارم به مهيا ڪري ٿي. وڌيڪ هي دهشتگردي جي روڪٿام، هٿيارن جي ڊوڙ ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي، بيمارين سان وڙهڻ ۽ قومي آفتن کي منهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ پاڻي ذخيرن جي تحفظ کي يقني بڻائڻ لاءِ اسان سڀني جي معاون آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ٻنهي براين کي ڪاميابي سان منهن ڏيڻ لاءِ ايس سي او جي عزم جي ڀرپور تائيد ڪري ٿو، پاڪستان پاڻ به عالمي دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف سخت جنگ وڙهي آهي ۽ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ ۾ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ نمايان بهتري کڻي آئي آهي. هن چيو ته ايس سي او جي توسيع مناسب وقت تي ٿي آهي جڏهن هڪ رستي ۽ هڪ پٽي جي قدم عالمي اقتصادي منظر نامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان ۾ اسان پاڪ چين اقتصادي راهداري تي جيئن جو تئين عمل پيرا آهيون جيڪا هڪ رستي ۽ هڪ پٽي جي قدم جو فليڪ شپ منصوبو آهي، هن چيو ته انهن وڏن وڏن منصوبن سان سمورن ايس سي او ميمبرن کي فائدو ٿيندو، وزيراعظم چيو ته اسان ان اعتماد سان سربراهه اجلاس ۾ شريڪ آهيون ته بهتري لاءِ دنيا کي تبديل ڪري سگهون، اسان ايس سي او ۾ نمائندگي ڪندڙ قومن جي مضبوط سياسي عزم سان انهن جي بي پناهه صلاحيتن ۽ موقعن مان فائدو کڻندي ائين ڪنداسين، پاڪستان ان اجتماعي ڪوششن ۾ مدد لاءِ تيار آهي. وزيراعظم ڀارت کي پاڪستان سان ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ ۽ ايس سي او جي ميمبرن جي لاءِ پڻ هڪ تاريخي ڏينهن آهي هن چيو ته پاڪستان مڪمل ميمبر جي حيثيت سان نهايت فخر ۽ وڌيڪ اميدن سان ان باوقار ۽ اهم تنظيم جو شامل ٿيو آهي. وزيراعظم تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪرڻ تي چين، روس سميت باني ميمبرن ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا. هن ميمبرشپ جي عمل ۾ مدد تي ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي سڄي ٽيم جو به ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ايس سي او جي نظام کان اڻواقف نه آهي پر هن سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ۽ علائقائي دهشتگردي جي روڪٿام واري ڍانچي، ايس سي او فورم بزنس ڪائونسل سميت ان جي مختلف فورمن سان خلوص نيت سان ڪم ڪيو ته جيئن پاڪستان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ باني ميمبرن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ان اهم سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ۽ شاندار مهمانوازي تي قزاخستان جي صدر ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. سربراهه اجلاس ۾ قزاخستان جو صدر نور سلطان نذربايوف، چين جو صدر شي جن پنگ، ڪرغزستان جو صدر الماس بيگ اتام بايوف، روس جو صدر ولادي مير پيوٽن، تاجڪستان جو صدر امام علي رحمانوف، ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزوف، افغانستان جو صدر اشرف غني، بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو، منگوليا جو صدر تاخيا جن البگدورج ۽ ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي پڻ موجود هئا.