وزيراعظم نواز شريف مدينه منوره روانو

وزيراعظم نواز شريف مدينه منوره روانو

رياض (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف روزه رسول صه تي حاضري ڀرڻ جي لاءِ ڪالهه سومر ڏينهن هتان کان مدينه منوره روانو ٿي ويو، هو شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي، ياد رهي ته آچر ڏينهن پنهنجي آمد کانپوءِ وزيراعظم پهرين آمريڪا – عرب اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري ڪانفرنس ۾ آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مسلمان امت جا اڳواڻ شريڪ هئا، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه به وزيراعظم سان گڏ آهن، هو روزه رسول صه تي حاضري ڀريندو ۽ مسجد نبوي صه ۾ نفل پڻ ادا ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون وينديون، وزيراعظم اڄ اڱاري ڏينهن وطن واپس روانو ٿيندو.