وزيراعظم چين ۽ هانگ ڪانگ جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

وزيراعظم چين ۽ هانگ ڪانگ جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

هانگ ڪانگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 18مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چين ۽ هانگ ڪانگ جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه خميس ڏينهن هتان کان وطن واپس روانو ٿي ويو. هانگ ڪانگ جي هوائي اڏي تي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ۾ ون بيلٽ، ون روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چيني صدر شي چن پنگ جي دعوت تي چين جو دورو ڪيو، محمد نواز شريف بيجنگ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۽ اهم خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف فورم ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت به ڪئي، وزيراعظم بيجنگ ۾ چين جي صدر شي چن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي هن ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، واضح رهي ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم جو آغاز چين جي صدر شي چن پنگ 2013ع ۾ ڪيو هو، هي فورم شاهراهه ريشم اقتصادي لنگهه ۽ 21 هين صدر جي سامونڊي لنگهه پروگرام جو حصو آهي. بيلٽ اينڊ فورم جو مقصد گڏيل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ تعاون وڌائڻ آهي، محمد نواز شريف چين جي شهر هينگ زو جو به دورو ڪيو جتي هن مشهور اي پورٽل ”علي بابا“ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ پنهنجي دوري جي ٻي مرحلي تي وزيراعظم هانگ ڪانگ ۾ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتن کانسواءِ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي به خطاب ڪيو.