پاڪستان پوري دنيا سان پنهنجي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي

پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ وڏي مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي توثيق ڪئي آهي، سي پيڪ تحت پڄاڻي هيٺ 9 خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن کي صنعت جو درجو ڏنو آهي: وزيراعظم

پاڪستان پوري دنيا سان پنهنجي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ وڏي مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي توثيق ڪئي آهي، سي پيڪ تحت پڄاڻي هيٺ 9 خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن کي صنعت جو درجو ڏنو آهي: وزيراعظم

هانگ ڪانگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 17مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان پنهنجي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ وڏي مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي توثيق ڪئي آهي، سي پيڪ تحت پڄاڻي هيٺ 9 خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن کي صنعت جو درجو ڏنو آهي، پاڪستان جو شمار دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿيندو آهي، ملڪي معيشت جي سڌارن جي لاءِ جامع قدم کنيا ويا آهن پائيدار اقتصادي ترقي سبب پاڪستان جو شمار دنيا جي 25 وڏين معيشتن ۾ ٿيندو، ويزن 2025ع تحت پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي هدفن جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف هانگ ڪانگ ۾ پاڪستان سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هانگ ڪانگ دنيا جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان هانگ ڪانگ جي معاشي ترقي کان متاثر آهي. پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. سال 2013ع کان پهرين پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي سالياني واڌ ويجهه جي شرح 3 سيڪڙو سراسري هئي جيڪا وڌي 5 سيڪڙو ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ ٻن سالن جي دوران سالياني واڌ ويجهه جي شرح 7 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پائيدار اقتصادي ترقي، گڊ گورنس ۽ معاشي نظم ۽ ضبط تحت واڌ ويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي سميت ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا امڪان موجود آهن. هن چيو ته حڪومت سماجي تحفظ جي حوالي سان جامع قدم کڻي هي آهي. ان کانسواءِ حڪومت سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، بجيٽ خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي کي ڏني ويندڙ سبسڊي ۾ گهٽتائي جي لاءِ به قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 4 سالن کان گهٽ عرصي جي دوران ترقي ڪئي آهي جيڪو ملڪ ۾ مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي علامت آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته عالمي بئنڪ هلندڙ مالي سال جي دوران جي ڊي پي ۾ 5.2 سيڪڙو جي واڌ ويجهه جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته اسٽينڊرڊ اينڊ پورز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2018ع تائين ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿيندي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي عالمي ريٽنگ ايجنسين به پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي توثيق ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت صرف اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن معاشي ترقي جي ثمر مان وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته حڪومت تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبي جي ترقي تي به خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت گڏيل ويزن جي نظريي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويزن 2025ع تحت جامع حڪمت عملي جوڙي آهي. ان کانسواءِ ڪنزيومر فنانسنگ، خدمت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ رينٽيل وغيره سميت ٻين شعبن جي ترقي تي به خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ وچولي طبقي جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ عالمي ڪمپنين جو تعداد وڌيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعا وڌائڻ جي حوالي سان مخصوص اقتصادي زونز جي قيام تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪيل سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري کي آئيني تحفظ حاصل آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان اي ڪامرس جي شعبي ۾ ترقي جي حوالي سان چين سان معاهدو ڪيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جي باري ۾ هن چيو ته حڪومت شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سيڙپڪاڙن جي لاءِ سٺين مراعتن جي آڇ ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ توانائي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ مختلف ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ٽيلي ڪميونيڪيشن جي صنعت جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن ۽ حڪومت جي لبرل سيڙپڪار پاليسي سان سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، ان کانسواءِ مينوفيڪچرنگ ۽ آٽو انڊسٽري جي شعبي جي حوالي سان پاڪستان وڏو واپاري مرڪز بڻجي سگهي ٿو، هن چيو ته آٽو سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ سموريون ڪمپنيون پنهنجي صارفين جي لاءِ عالمي معيار موجب مصنوعات تيار ڪري رهيون آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪستان کير پيدا ڪندڙ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي جڏهن ته لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ کير ۽ گوشت جي مقامي ضرورتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ ايئر لائين، بيڪنگ، سياحت ۽ زراعت سميت ٻين مختلف شعبن ۾ 100 غير ملڪي سيڙپڪاري ۽ منافع جي به 100 سيڪڙو منتقلي جي به اجازت آهي، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ ڪچي مال، مشينري ۽ پلانٽ وغير جي به ڊيوٽي فري روانگي واپار جي اجازت آهي. هن چيو ته ملڪ توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان دنيا جي واپاري لنگهه بڻجي سگهي ٿو، پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت خطي ۾ بنيادي اهميت رکندڙ آهي هن چيو ته ون بيلٽ ون روڊ فورم چين جي صدر زي جن پنگ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن تحت سمورن ملڪن لاءِ ترقي جي لاءِ هڪجهڙا موقعا دستياب هوندا. هن چيو ته ون بيلٽ ون روڊ جي منصوبي سان نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر وچ ايشيا سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به بنيادي ڍانچي، توانائي، صنعت ۽ واپار جي ترقي ٿيندي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ون بيلٽ ون روڊ جي ويزن جو وڏو حصو آهي جيڪو نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي واپاري سرگرمين جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. جنهن سان عالمي واپاري رابطن ۾ اضافو ٿيندو ۽ واپاري سامان جي چرپر جي وقت ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي جنهن سان وچ ايشيا، يورپ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي جوڙي سگهبو. هن چيو ته عالمي معاشي ڏس ۾ سماجي تحفظ ۽ اقتصادي رابطن ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ملڪ ۾ ماڻهن کي سياسي خودمختياري جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ اسان کي واپاري سهولتن جي اضافي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ چين ان تي عمل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسان سڀني جي ذميداري آهي ته ون بيلٽ ون روڊ (اوبور) منصوبي جي پڄاڻي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ سي پيڪ تحت مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، انهن اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش مراعتن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آبادي جي حوالي سان دنيا جو 6 هون وڏو ملڪ آهي جتي افرادي قوت وڏي مقدار ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پوري دنيا سان پنهنجي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي.