اقتصادي ترقي جي ذريعي عوام کي سياسي طور تي بااختيار بڻائڻ تي پختو يقين رکون ٿا، ننڍي ڪاروبار کي عالمي سطح تائين وٺي وڃڻ ۾ مددگار جي طور تي ملڪ ۾ اي ڪامرس جي حوصلا افزائي ڪنداسين: وزيراعظم

اقتصادي ترقي جي ذريعي عوام کي سياسي طور تي بااختيار بڻائڻ تي پختو يقين رکون ٿا، ننڍي ڪاروبار کي عالمي سطح تائين وٺي وڃڻ ۾ مددگار جي طور تي ملڪ ۾ اي ڪامرس جي حوصلا افزائي ڪنداسين: وزيراعظم

هانگ زو(پاکستان نیوزپوائنٹ 16مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقتصادي ترقي جي ذريعي عوام کي سياسي طور تي بااختيار بڻائڻ تي پختو يقين رکون ٿا ۽ هو ننڍي ڪاروبار کي عالمي سطح تائين وٺي وڃڻ ۾ مددگار جي طور تي ملڪ ۾ اي ڪامرس جي حوصلا افزائي ڪنداسين. ڪالهه اڱاري ڏينهن چين جي سڀ کان وڏي اي ڪامرس پورٽل ”علي بابا“ پاران پاڪستان ۾ اي پليٽ فارم جي قيام جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ وزيراعظم چيو ته هي قدم ملڪ ۾ روزگار پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو. وزيراعظم ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ اي ڪامرس کي عمل انگيز قرار ڏيندي چيو ته ان سان معاشري جي پوئتي پيل طبقن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪاوربار کي سگهه ڏيڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچڻ جي لاءِ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڊجيٽل ڏي وٺ هڪ موثر ذريعو آهي، وزيراعظم علي بابا جي باني ۽ ايگزيڪيٽو چيئرمين جيڪ ما سان هلندڙ سال جنوري ۾ ڊيووس ۾ ملاقات کانپوءِ ٿيندڙ ملاقات کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته هو چيني عوام جي ترقي جي لاءِ ڄاڻايل ڪمپني جي ڪردار کي ڏسي گهڻو متاثر ٿيو آهي، هن پاڪستان ۾ علي بابا جي اي پليٽ فارم جي قيام جي عزم تي جيڪ ما کي ساراهيندي چيو ته هن پنهنجي آفيس کي ان ڏس ۾ باضابطه ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ چئن مهينن اندر ايم او يو تي صحيحون ٿي ويون. هن اميد ظاهر ڪئي ته علي بابا گروپ جلد کان جلد پاڪستان ۾ منصوبي جو آغاز ڪندو. جيڪ ما جو آن لائين ٽريڊ ۽ موبائيل ادائيگين ۾ پنهنجي ڪاميابين لاءِ مشهور آهي، چيو ته اي ڪامرس اڀرندڙ منڊين ۾ موقعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته ننڍي ڪاروبار جي لاءِ اي ڪامرس جو مستقبل روشن آهي، اڄڪلهه ان قسم جا وڌيڪ ادارا ميدان ۾ اچي رهيا آهن، هن چيو ته سندن ڪمپني پاڪستان جي اي ڪامرس جي شعبي ۾ ترقي تي نظر رکيل آهي ۽ ننڍي درجي جي صنعتن جي مدد ڪرڻ جي خواهشمند آهي.هن وزيراعظم جي واکاڻ ڪندي چيو ته علي بابا گروپ سڄي دنيا ۾ 60 ملين ڪمپنين کي سهولت ڏئي رهيو آهي، پاڪستان مان تقريبن 3 لک صارفين جي ڏي وٺ ۽ ڪمپني جي خدمتن جي لاءِ علي بابا سان معاهدا ڪيا آهن. جيڪ ما پاڪستان ۾ ننڍي ڪاروباري ادارن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي عالمي شهرت يافته مصنوعات خاص طور تي فوٽ بال ۽ هماليائي گلابي لوڻ قابل ذڪر آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي ٻه ڀاڱي ٽي آبادي يعني نوجوانن تي خصوصي ڌيان ڏئي قومي معيشت کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار ۾ ويجهي حصيداري ”آئرن بردارز کي گولڊن برادرز ۾“ تبديل ڪري سگهي ٿو، واپار وارو وزير خرم دستگير خان چين ۾ پاڪستان جو سفير مسعود ملڪ ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير سن وائي ڊونگ به ان موقعي تي موجود هئا.