وزيراعظم چين کان هانگ ڪانگ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو

وزيراعظم چين کان هانگ ڪانگ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو

هانگ زو(پاکستان نیوزپوائنٹ 16مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن چين کان هانگ ڪانگ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. هانگ ڪانگ جي دوري تي روانگي کان اڳ پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ ۽ چيني صوبي زي جيانگ جي گورنر ليانگ لي منگ وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم سان گڏ خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز ۽ واپار وارو وزير خرم دستگير خان به آهن. هينگ يو ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم زي جيانگ جي سي پي سي ڪميٽي جي سيڪريٽري چن جي سان ملاقات ڪئي جڏهن ته هن اي ڪامرس جي وڏي ڪمپني علي بابا جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. هتي هن ڪمپني جي ميوزيم جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ وزيراعظم کي ڪمپني جي ڪاميابين ۽ مستقبل جي هدفن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.