وزيراعظم محمد پاران چين جي وڏي اداري علي بابا گروپ جي هيڊڪوارٽر جو دورو

وزيراعظم محمد پاران چين جي وڏي اداري علي بابا گروپ جي هيڊڪوارٽر جو دورو

هانگ زو (پاکستان نیوزپوائنٹ 16مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن زي جيانگ صوبي ۾ واقعي اي ڪامرس جي شعبي ۾ خدمتون فراهم ڪندڙ چين جي وڏي اداري علي بابا گروپ جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ واپار وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان به موجود هو. هيڊڪوارٽر پهچڻ تي علي بابا گروپ جي ايگزيڪيٽو چيئرمين جيڪ ماني وزيراعظم جي آجيان ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته 1999ع ۾ قائم ٿيندڙ ڪمپني هاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي آن لائين ڪمپني جو درجو حاصل ڪري چڪي آهي، وزيراعظم علي بابا ميوزم جو دورو ڪيو جتي کيس ڪمپني جي تاريخ ۽ پروفائيل جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي بابا گروپ جي ايگزيڪيٽو چيئرمين چيو ته ڪمپني روزانو 18 ارب ڊالر جو روينيو حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته علي بابا پنهنجو دائرو ڪار آن لائين واپار کانسواءِ ٻهراڙي جي معيشت، مائيڪرو فنانسنگ، مارڪيٽنگ، عوام جي ڀلائي، روز مره زندگي جي سائنسز ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ تائين وسيع ڪيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڪمپني جا 33 هزار مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. جيڪ ماني وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني صارفين جي تعداد 2 ارب کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ڪمپني هڪ سئو ملين ماڻهن کي روزگار به فراهم ڪري رهي آهي، علي بابا گروپ جي سربراهه ٻڌايو ته مائيڪرو فنانس جي ڪاروبار ۾ ڪمپني جي رڪوري جي شرح 99 سيڪڙو آهي جنهن تي وزيراعظم چيو ته ننڍن اداران جي ڊيفالٽ جي شرح تمام گهٽ هوندي آهي، پنهنجي حڪومت جو مثال ڏيندي چيو ته ييلو ڪيب اسڪيم ۾ قرض جي واپسي جي شرح 94 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته علي بابا ڪمپني هر روز چين جي تقريبن 60 ملين پارسلز ورهائيندي آهي جڏهن ته مائونٽ ايوريسٽ سميت دنيا جي ڏکين علائقن ۾ به ڪمپني سامان پهچائڻ جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ علي بابا جا خريدار دنيا جي 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ موجود آهن، ان کانپوءِ وزيراعظم کي ڪمپني جي ڪارڪردگي، ان جي ڪاميابين ۽ مستقبل جي هدفن جي باري ۾ به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.