عالمي اڳواڻن پاران بيلٽ اينڊ روڊ ڊولپمينٽ بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي معيشت کي درپيش چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ تي اتفاق

عالمي اڳواڻن پاران بيلٽ اينڊ روڊ ڊولپمينٽ بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي معيشت کي درپيش چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ تي اتفاق

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مئ2017ء) عالمي اڳواڻن بيلٽ اينڊ روڊ ڊولپمينٽ بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي معيشت کي درپيش چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. 30 ملڪن ۽ اهم عالمي ادارن جا اڳواڻ بيلٽ اينڊ روڊ تعاون تي اتفاق راءِ ڪندي هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو آهي. عالمي اڳواڻن بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽيوز کي چئلينجن ۽ تبديلين جي وچ ۾ موقعو قرار ڏنو ۽ ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطن ۾ اضافي جي آجيان ۽ ان جي حمايت ڪئي جيڪو آفريقا ۽ آمريڪا جهڙن ٻين خطن جي لاءِ پڻ اوپن هوندو. هنن اهڙن موقعن تي زور ڏنو ته جيڪي ٻين عالمي، علائقائي ۽ قومي فريم ورڪ جي وچ ۾ مواصلات ۽ رابطن ذريعي پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ رابطن ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا. عالمي اڳواڻن کليل معيشت جي فروغ، آزاداڻي ۽ ٺوس واپار کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هنن معاشي ترقي، واپار، سيڙپڪاري ۾ اضافي، عوامي ۽ اداراجاتي سطح تي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. عالمي اڳواڻن امن، انصاف، سماجي هم آهنگي، جمهوريت، بهتر نظم ۽ ضبط، قانون جي حڪمراني، انساني حقن، صنفي برابري ۽ عورتن جي ترقي جي فروغ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته ڌرتي کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ امن، تعاون، شفافيت، برابري، گڏيل احترام جي جذبي کي سربلند رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي اڳواڻن پاليسي مشاورت، واپار جي فروغ، انفراسٽرڪچر، رابطن، مالياتي تعاون ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي ترجيحي حيثيت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ پنهنجي قومي قانونن ۽ ضابطن ۽ عالمي ذميوارين موجب ٺوس قدمن کي اجاگر ڪيو. هنن ان ڳالهه کي ورجايو ته امن، گڏيل فائديمند تعاون ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانونن جي اصولن کي هٿي ڏيڻ، ٺوس ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ انسنايت جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن ڪميونٽي قائم ڪرڻ ان جي گڏيل ذميواريون آهن. گول ميز سربراهه اجلاس ٻن ڏينهن واري فورم جو حصو هو جنهن ۾ چيني صدر شي جن پنگ سميت 30 کان وڌيڪ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن شرڪت ڪئي.