حڪومت هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا يونيورسٽي ڪيمپس بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سينيٽ کي آگاهي

حڪومت هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا يونيورسٽي ڪيمپس بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15مارچ2017ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا يونيورسٽي ڪيمپس بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايم پي ون اسڪيل جي تحت سمورن آفيسرن کي هڪجهڙو پگهار ۽ مراعتون ڏنيون وينديون، اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي ۽ ٻين جي سوالن جا جواب ڏيندي مملڪتي وزير بليغ الرحمان ايوان کي ٻڌايو ته ايم پي ون اسڪيل جي حوالي سان تفصيلي معلومات ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ئي ڏئي سگهي ٿي، هن وقت هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ ايم پي ون اسڪيل تحت صرف هڪ ئي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مقرر آهي، ان جي موجوده مجموعي پگهار چار لک 73 هزار روپيا ماهوار آهي، هن چيو ته يونيورسٽيون تحقيقي سرگرمين جو ڪم ڪري رهيون آهن جنهن سان معاشري جي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته حڪومت جي هي خواهش آهي ته هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا يونيورسٽي جو ڪيمپس هجڻ گهرجي، پاڪستان ويزن 2025ع تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هر ضلعي ۾ سرڪاري يونيورسٽي يا يونيورسٽي جو ڪيمپس بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي ان سلسلي ۾ سي ڊي ڊبليو پي ايڪنڪ جي لاءِ هڪ منصوبي جي سفارش ڪئي جنهن تي لاڳت جو ڪاٿو 5 ارب 60 ڪروڙ روپيا لڳايو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي لاءِ ان سلسلي ۾ 35 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان مجموعي طور تي 32 ذيلي ڪيمپس قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ئي ملڪ ۾ پهرين عورت يونيورسٽي فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي قائم ڪئي هئي، هاڻي به اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان چاهيون ٿا ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي هجڻ گهرجي، صرف فنڊن جي فراهمي وفاقي حڪومت جي ذميداري هوندي آهي، صوبائي حڪومت جي تعاون سان ئي يونيورسٽيون بڻايون وينديون آهن.