وزيراعظم پاران علي محمد اڏيرائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان

وزيراعظم پاران علي محمد اڏيرائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان

ٺٽو (پاکستان نیوز پوائنٹ 09مارچ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف بيمار شاعر علي محمد اڏيرائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي عوامي جلسي دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مقامي شاعر علي محمد اڏيرائي بيمار آهي ۽ سندس علاج جي لاءِ 16 لک رپين جي ضرورت آهي جنهن تي وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران شاعر علي محمد اڏيرائي جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو۔