پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ ترڪي جي شموليت جي آجيان ڪندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ ترڪي جي شموليت جي آجيان ڪندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 24فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ ترڪي جي شموليت جي آجيان ڪندو، پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفادن ۾ آهي، 2013ع جي مقابلي ۾ 2017ع ۾ لوڊشيڊنگ جي صورتحال ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، ميڊيا ۾ خود احتسابي ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، پاڪستان جي سڀني سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ناشتي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، ترڪي وچ ايشيائي ملڪن سان گڏجي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي ترقي ڏئي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته ترڪي جي صدر سان ملاقاتن ۾ شام، روس ۽ داعش کانسواءِ آزاد واپار جي معاهدن ۽ اقتصادي تعاون سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ ڌماڪي جي حوالي سان ميڊيا جي ذريعي ڏيڻ واري غلط تاثر جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اها انتهائي مثبت ڳالهه آهي ته اهڙي طرح جي غير ذميداراڻي رپورٽنگ جي خلاف خود ميڊيا ۾ ئي بحث شروع ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ جو پاڻ احتسابي ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، هن چيو ته 2013ع جي مقابلي ۾ 2017ع ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان واضح تبديلي جي صورتحال موجود آهي، بجلي لوڊشيڊنگ جو ڊگهو وقت انتهائي گهٽ ٿي ويو آهي ۽ صنعتي شعبي کي ان جي گهرج جي مطابق بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته موٽر وي سندس ئي دور ۾ پهرين تعمير ٿي ۽ 10 سالن کانپوءِ ان جي مرمت جي ضرورت پئي، پر ان تي ماضي ۾ ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، هن چيو ته 2013ع ۾ حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٻيهر ڪم جو آغاز ڪري ۽ موٽر وي جي 13 منصوبن تي ڪم جاري آهي جن مان 1100 ارب خرچ ٿي ويا، پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته اسان افغانستان جا خيرخواه آهيون ۽ اسان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان چاهيون ٿا ڇاڪاڻ جو امن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پشاور ڪابل موٽر وي جي تعمير لاءِ فزيبلٽي جو ڪم جاري آهي جڏهن ته پشاور، جلال آباد روڊ تي 60 سيڪڙو ترقياتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته اسان افغانستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ جو افغانستان ۾ استحڪام اسان جي پنهنجي استحڪام جي لاءِ اهم آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سڀني سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.