پاڪستان ۽ ترڪي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا 10 معاهدا

پاڪستان ۽ ترڪي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا 10 معاهدا

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ توانائي ۽ دهشتگردي جي فنانسنگ بابت مالياتي انٽيلي جنس مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا 10 معاهدا طئي ٿي ويا. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس ترڪ هم منصب بن علي يلدرم معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪرڻ کانپوءِ گڏيل پڌرنامي تي صحيحون به ڪيون. هائيڊرو ڪاربن جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي پاڪستان طرفان پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي صحيحون ڪيون اهڙي طرح ماحوليات جي شعبي ۾ تعاون بابت مفاهمت جي يادداشت تي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ترڪي جي ماحوليات جي نائب وزير صحيحون ڪيون، پاڪستان جي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ ۽ ترڪ جي فنانشنل انٽلي جنس يونٽ جي وچ ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي لاءِ فنانسنگ بابت مالياتي انٽيلي جنس جي مٽاسٽا جي سلسلي ۾ مفاهمتي يادداشت تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊپٽي گورنر سعيد احمد ۽ ترڪي جي ايم اي ايس اي جي سربراهه عثمان ديريلي صحيحون ڪيون، اهڙي طرح ترڪي جي اناطو ليو ايجنسي (اي اي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ خبرن جي شعبي ۾ تعاون جو معاهدو به طئي ٿيو، معاهدي تي اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سهيل علي خان ۽ اناطو ليو ايجنسي طرفان چيئرمين بورڊ صحيحون ڪيون. ٻيلن واري شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سهيل محمود ۽ ترڪي جي ٻيلن واري کاتي جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل صحيحون ڪيون، اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هٿياربند فوج جي وفدن جي مٽاسٽا بابت هڪ پروٽوڪول به طئي ٿيو جنهن تي پاڪستان جي سفير سهيل محمود ۽ ترڪ جي منصوبابندي ۽ پاليسي ڊويزن جي سربراهه صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ڊرگ انالسز سروسز جي فراهمي بابت فني عملدرآمد معاهدي تي ترڪي جي صحت واري وزارت جي پروفيسر ڊاڪٽر ايوپ غموس ۽ پاڪستاني سفير سهيل محمود صحيحون ڪيون، پاڪستان جي لائبريريز واري شعبي (ڪيڊ ڊويزن) ۽ نيشنل لائيبريري آف ترڪي جي وچ ۾ مفاهمت جي ٺاهه تي پاڪستاني سفير سهيل محمود ۽ ترڪي جي نيشنل لائيبريري جي صدر ڊولفي تمان صحيحون ڪيون، ان موقعي تي پنجاب حڪومت ۽ زور لوهولڊرنگ جي وچ ۾ 300 ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون.