وزيراعظم پاران لاهور ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران لاهور ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف لاهور ۾ ڊفنس جي علائقي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جيڪو سرڪاري دوري تي ترڪي ۾ موجود آهي، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم ان واقعي جي باري ۾ رپورٽ به طلب ڪري ورتي. وزيراعظم محمد نواز شريف واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي، هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان گهري همدردي جو اظهار ڪيو.