پاڪستان ۽ ترڪي ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو پنجون اجلاس

پاڪستان ۽ ترڪي ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو پنجون اجلاس

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو پنجون اجلاس خميس ڏينهن هتي منعقد ٿيو جنهن ۾ واپار، توانائي، معيشت، تعليم، مواصلات ۽ ثقافت ۽ سياحت سميت 6 اهم شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪ هم منصب بن علي يلدرم سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل طور تي صدارت ڪئي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، واپار وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار طارق فاطمي ۽ سينئر اعليٰ عملدار به پنهنجي ترڪ هم منصبن سان گڏ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اعليٰ سطحي تزويراتي تعاون ڪائونسل آڪٽوبر 2009ع ۾ ترڪي جي وزيراعظم رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري دوران قائم ڪئي وئي هئي، هي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اداره جاتي ميڪنزم آهي، آغاز ۾ ان اعليٰ سطحي تعاون ڪائونسل جي طور تي قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ اعليٰ سطحي تزويراتي تعاون ڪائونسل جي عنوان سان ان جو دائرو وسيع ڪيو ويو. هي ڪائونسل ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي گڏيل صدارت ۾ گڏيل ڪابينا اجلاس جي طور تي ڪم ڪندي آهي. ڪائونسل جو چوٿون اجلاس فيبروري 2015ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو جنهن جي صدارت وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوغلو ڪئي هئي.