وزيراعظم جي مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري

وزيراعظم جي مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف خميس ڏينهن ترڪي جي پهرين صدر ۽ آزادي جي جنگ جي عظيم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ان جي مزار تي حاضري ڀري. وزيراعظم محمد نواز شريف باباءِ ترڪ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ احترامن اتي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي، ان کانپوءِ وزيراعظم محمد نواز شريف عظيم اڳواڻ جي مقبري تي رکيل ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا جنهن ۾ هن ملڪ ۾ خوشحالي ۽ جمهوريت جي مضبوط بنياد رکڻ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، واپار وارو وزير خرم دستگير خان ۽ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.