پاڪستان ۽ ترڪي کي دهشتگردي جو چئلينج درپيش آهي ۽ ٻئي ملڪ خطي جي امن لاءِ ان ناسور سان گڏجي وڙهندا لال قلندر جي مزار امن جي علامت آهي،

دهشتگردي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون: وزيراعظم نواز شريف /ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم

پاڪستان ۽ ترڪي کي دهشتگردي جو چئلينج درپيش آهي ۽ ٻئي ملڪ خطي جي امن لاءِ ان ناسور سان گڏجي وڙهندا لال قلندر جي مزار امن جي علامت آهي، 
دهشتگردي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون: وزيراعظم نواز شريف /ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ترڪي جي وزيراعظم بن علي يلدرم چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي کي دهشتگردي جو چئلينج درپيش آهي ۽ ٻئي ملڪ خطي جي امن لاءِ ان ناسور سان گڏجي وڙهندا لال قلندر جي مزار امن جي علامت آهي، دهشتگردي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون، ڪالهه خميس ڏينهن پنجين اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاس جي انعقاد جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻنهي وزيراعظمن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ سخت ڪارروائي جي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ترڪي جو دشمن پاڪستان جو دشمن آهي، هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ترڪي سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ترڪ قيادت دهشتگردي جي سمورن خطرن سان موثر طور تي منهن ڏيندي ۽ صدر طيب اردگان جي رهنمائي ۾ امن ۽ خوشحالي طرف گامزن ٿيندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ان وقت دهشتگردي جو چيئلنج درپيش آهي، هن تازو ئي سيوهڻ شريف ۾ لال قلندر جي مزار، جيڪا امن جي هڪ علامت آهي، تي ٿيندڙ حملي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي چاهي ڪنهن به شڪل ۾ هجي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون، ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم چيو ته ترڪي دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ جي باوجود علائقائي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن تجويز ڏني ته پاڪستان ۽ ترڪي کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطح جو تعاون ڪرڻ گهرجي. ترڪ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو خطي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي باوجود مختلف شعبن ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ترڪي پاڪستان سان پنهنجي تعاون کي فروغ ڏيندو، پاڪستان جو مستقبل تمام گهڻو روشن آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪي کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏيندي چيو ته ترڪي جهڙي دوست ۽ ڀائر ملڪ جو دورو ڪندي هو سدائين خوشي محسوس ڪندو آهي، جولاءِ 2016ع ۾ ترڪي ۾ ناڪام بغاوت جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترڪي ۾ جمهوريت لاءِ ترڪ حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، هن جمهوريت جي خلاف ڪڌي ڪوشش جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم انهن 248 ترڪ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي جنهن پنهنجي ملڪ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته ترڪ عوام جو جذبو ٽينڪن ۽ بندوقن کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ترڪي جي وزيراعظم کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هن ترڪ وزيراعظم سان اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي تعميراتي سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو، وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي دوستي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم، توانائي، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ بهترين تعاون موجود آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڄ ٿيندڙ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن سان پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، ان سان نه رڳو انهن جي گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا پر عوام جي وچ ۾ رابطا به مضبوط ٿيندا. هن ڪشمير تڪرار تي ترڪي جي حمايت جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان قبرص جي مسئلي تي ترڪي سان گڏ آهي، هن ڏکڻ ايشيا بابت ترڪي جي اصولي موقف تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڀارت سان دوستاڻي لاڳاپن سميت پرامن پاڙيسري لاءِ پرعزم آهي، هن اسلام فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور به ڏنو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي عالمي امن لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان دنيا کي رهڻ لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا.