وزيراعظم ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي انقره پهتو

وزيراعظم ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي انقره پهتو

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪالهه اربع ڏينهن انقره جي هوائي اڏي ايسن بوگا پهتو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. ايئرپورٽ تي ترڪيءَ جي راندين ۽ نوجوانن بابت وزير عاڪف ڪاگاتي ڪڪ، سينئر پارليامينٽرين ۽ انقره جي نائب گورنر وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ٻن ننڍڙن ٻارن کيس ۽ بيگم ڪلثوم نواز کي گلدستا پيش ڪيا. پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير، پرڏيهي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. انقره ۾ رهڻ دوران وزيراعظم پنهنجي ترڪ هم منصب بن علي يلدرم سان گڏجي اعليٰ سطحي اسٽريٽجي ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. ترڪ وزيراعظم سان گڏ ٻين مصروفيتن کانسواءِ وزيراعظم نواز شريف جي پروگرام ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات پڻ شامل آهي. وزيراعظم ترڪيءَ ۾ جولاءِ 2016ع جي ناڪام بغاوت کانپوءِ ترڪ قيادت ۽ جمهوري ادارن سان پاڪستان جي ٺوس يڪجهتي جي اظهار لاءِ ترڪ پارليامينٽ جو پڻ دورو ڪندو.