سينيٽ پاران قرض معاف ڪرائيندڙن جو معاملو ڊراپ

سينيٽ پاران قرض معاف ڪرائيندڙن جو معاملو ڊراپ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ ۾ گذريل 30 سالن دوران قرض معاف ڪرائيندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين جا نالا ۽ معاف ڪرايل رقم بابت معاملي کي بحث هيٺ آڻن جو معاملو ڊراپ ڪيو ويو، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر اعظم سواتي، تاج حيدر ۽ محسن لغاري، ان معاملي تي رٿ پيش ڪرڻي هئي پر ٽئي سينيٽر موجود نه هئا، جنهن تي اها رٿ ڊراپ ڪئي وئي،جڏهن ته سينيٽر عثمان ڪاڪڙ قطر ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران پاسپورٽ ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ جي تجديد ۾ دير جي معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي اهو نوٽيس ملتوي ڪيو ويو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:26